اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ ۾ شوڪت عزيز صديقي جي بيان جي آزاد جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڪو اختلاف ناهي ۽ سڀ هڪ پيج تي آهن، سڀني جو هڪ ئي نظريو آهي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جو اهو ئي موقف آهي، جيڪو نواز شريف جو آهي. هن چيو ته پ پ هاڻ پي ڊي ايم جو حصو ناهي، منهنجي خيال ۾ هاڻ پ پ بابت ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ گهرجي، پ پ منهنجو هدف ناهي ۽ منهنجو ان سان مقابلو به ناهي، استعيفائن جو فائدو تڏهن ٿئي ها جڏهن پي ڊي ايم ۾ سڀ جماعتون استعيفا ڏين ها، ڪجهه جماعتن طرفان استعيفا ڏيڻ سان نقصان ٿئي ها. سندس چوڻ هو ته عالمي ميڊيا کان خبر پئجي رهي آهي ته حڪومت آمريڪا کي فضائي اڏو ڏئي چڪي آهي، اهو سنجيده معاملو آهي، هوائي اڏن جي حوالي سان آمريڪا سان ڊيل قوم سامهون آندي وڃي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل شوڪت عزيز صديقي ڪيس کي پنهنجو، عدليا جو ڪيس سمجهي ۽ عدليا جي دٻاءُ وجهي فيصلا وٺڻ جو سلسلو ختم ڪري، شوڪت عزيز کي سچ ڳالهائڻ جي سزا نه ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ سندس بيان جي آزاد جاچ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهو هڪ جج جو معاملو ناهي، سڀاڻي اهي سڀ جج ڪهٽڙي ۾ هوندا، جيڪي اڄ ڪيس ٻڌي رهيا آهن.