اسلام آباد/ڪراچي(رپورٽ ايم بي سومرو ۽ شاهد ميراڻي)ڪورونا جي شرح گهٽجي 2.56 سيڪڙو تي پهچي وئي، وڌيڪ 77 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1118 نوان ڪيس سامهون آيا، فعال ڪيسن جو انگ 44687 ٿي ويو، ملڪ ۾ هفتي ۾ 6 ڏينهن ڪاروبارجي اجازت، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تان هفتي ۾ 2 ڏينهن واري بندش ختم، سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۾ ملازمن جي 100 سيڪڙوحاضري جي اجازت، سرڪاري ۽ خانگي ملازمن لاءِ 30 جون تائين ويڪسين ڪرائڻ لازمي قرار، اين سي او سي جي فيصلن تي عمل اڱاري 15 جون کان ٿيندو، ان ڏ س ۾ اين سي اوسي جي اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ هفتي ۾ ڪاروبار 2 ڏينهن بند ڪرڻ واري پابندي ختم ڪري واپاري مرڪز معمول موجب هفتي جا 6 ڏينهن کولڻ جي اجازت ڏئي وئي، ساڳئي ريت بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي هفتي ۾2 ڏينهن جي لڳل بندش پڻ ختم ڪئي وئي، اجلاس ۾ سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو حاضري ( ورڪ فرام هوم) وارو شرط ختم ڪري 100 سيڪڙو ملازمن کي حاضر رهڻ جي هدايت ڪئي وئي، اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته درگاهن، سينيمائن، ثقافتي فيسٽيولز، جسماني لهه وچڙ ۾ ايندڙ راندين باڪسنگ، مڪس مارشل آرٽ، رگبي، ڪٻڊي ۽ ريسلنگ تي پابندي برقرار هوندي، اجلاس ۾سڀاڻي جمعي 11 جون کان 18 سالن کان مٿي ڄمار وارن نوجوانن لاءِ واڪ ان ويڪسين شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڄاڻايو ويو ته ويڪسين سينٽر 11 جون کان صبح 8 کان رات 10 وڳي تائي کليل هوندا، جڏهن ته سينٽر جمعي تي کليل ۽ آچر تي بند هوندا، اجلاس ۾ ورجايو ويو ته سمورا سرڪاري ۽ خانگي ملازم 30 جون تائين لازمي ويڪسين ڪرائين، اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته ويڪسين سرٽيفڪيٽن جي تصديق جو فارمولا جون جي آخر تائين فائنل ڪيو ويندو، ٻئي طرف وفاقي وزير اسد عمر ۽ فواد چوڌري چيو آهي ته هن وقت تائين 70 لک شهري ويڪسين لڳرائي چڪاآهن،31 ڊسمبر تائين 7 ڪروڙ شهرين کي ويڪسين لڳائي ويندي، ٻئي طرف وفاقي سرڪار فائزر ۽ چيني ويڪسين سائنو فارم، سائنو ويڪ ۽ڪين سائنو، جي خريداري لاءِ هڪ ارب ڊالر منظور ڪيا آهن، جڏهن ته ويڪسين جي پهرين کيپ جي خريداري لاءِ اين ڊي ايم کي 18 ڪروڙ ڊالر جاري پڻ ڪيا ويا آهن ٻئي طرف سنڌ ۾ڪورونا 19 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 628 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيدمراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 23717 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 22915 گھرن، 20 آئسوليشن سينٽرن ۽ 782 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، هن چيو ته 725 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 69 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 317، حيدرآباد ۾ 46، شهيد بينظير آباد ۾ 28، بدين ۾ 27، ميرپورخاص ۾ 23، جيڪب آباد ۾ 20، ڄامشوري ۾ 15، عمرڪوٽ ۾ 14، ٽنڊوالهيار ۾ 13، دادو ۾ 12، نوشهري فيروز ۾ 10، ٺٽي ۽ سانگھڙ ۾ 9_9، مٽياري ۾ 8، ٽنڊي محمد خان۽ ٿرپارڪر ۾ 7_7، گھوٽڪي، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ۾ 5_5، سکر ۾ 4، خيرپور ۾ 3، سجاول ۾ 2 ۽ شڪارپور ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ٻئي پاسي لمس حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي موري واسڻ 60 سالن جي صاحب خاتون زال عبدالرشيد فوت ٿي وئي. شهر ۾ ڪورونا شرح گهٽجي 2 سيڪڙو تي پهچي وئي.