ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران ايندڙ مالي سال 2021.22ع جي صوبائي بجيٽ کي آخري شڪل ڏيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي آچر تي آمريڪا مان واپسي بعد بجيٽ کي فائنل ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ ناڻي کاتي جي ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ سال جي بجيٽ جو آئوٽ لي 14 کرب هوندو، جڏهن ته صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 250 ارب رکيا ويندا، ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويندا، ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم کي اوليت حاصل هوندي.