شهيد ڀٽو: هڪ ڪرشماتي شخصيت، هڪ سحرانگيز ماڻهو

0
36
شهيد ڀٽو: هڪ ڪرشماتي شخصيت، هڪ سحرانگيز ماڻهو

 اها 4 اپريل 1979 جي اڀاڳي رات هئي، جڏهن ملڪ جي محبوب اڳواڻ، دنيا جي ڪرشماتي شخصيت ذوالفقار علي ڀٽي کي تخت دار تي لڙڪايو ويو. ان سڄي عمل ۾ ڪجهه منٽ لڳا، جلد ئي هن جي جسد خاڪيءَ کي ڳڙهي خدا بخش ڏانهن نيو ويو، جيئن هن جي جسم کي تڪڙو تدفين ڪئي وڃي. بظاهر اهو ظالماڻو عمل هو، ساڳي ريت هڪ شاندار حياتيءَ جي پڄاڻي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي خواهشون لڪل هيون. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو هڪ شخص جو عدالتي قتل نه هو، پر عوام جي امنگن کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.

                 ذوالفقار علي ڀٽي کي جولاءِ 5، 1977 تي اقتدار تان لاٿو ويو هو. هن جو عروج ۽ زوال به ڏسڻ وٽان آهي، هڪ ڪرشماتي شخصيت، سحرانگيز ماڻهو، جنهن جي مرڻ کانپوءِ به هن جي شخصيت جا پاسا ٺيڪ طرح نروار نه ٿي سگهيا آهن! ملڪ اندر هن وقت به سندس ڪروڙين مداح آهن، جن کي پڪ آهي ته هو جمهوريت جو دفاع ڪندي سولي تي چڙهي ويو. هنن کي يقين آهي ته ڀٽي وٽ آڻ مڃي، جان بچائڻ جا سوين گس هئا، پر پاڻ موت جي ڏکئي پيچري جي چونڊ ڪئي. سندس نقاد هن کي هڪ سول آمر سڏين ٿا، جنهن جمهوريت کي سول آمريت هيٺ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پڻ ڪئي هئي.

ڀٽي صاحب جي مرتيي کان بعد هن جي حياتيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. يقين سان ايندڙ وقت ۾ هن مٿان اڃا گهڻي تحقيق ٿيندي. سال 2007 ڊسمبر جي مهيني ۾ هن جي پنڪي (شهيد محترمه بينظير ڀٽو) جي المناڪ وڇوڙي کانپوءِ سندس ڏندڪٿائي شخصيت هڪ نئون ۽ وسيع روپ اختيار ڪيو. اسان ان ڀٽي جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جيڪو 1970 جي سال ۾ اٽالين صحافڻ اوريانا فلاسي کي انٽرويو ڏيندي ايترو ته جذباتي ٿي ويو، هن کي پاڻ تي ضبط نه رهيو، هو مجيب الرحمان ۽ اندرا گانڌيءَ لاءِ اڻ وڻندڙ لفظن جو استعمال ڪري ويٺو. ڀٽي صاحب جي ان گفتگو، اوريانا فلاسيءَ کي حيران ۽ ششدر ڪري ڇڏيو. انٽرويو پورو ٿيو، اوريانا فلاسي هلي وئي؛ پويان ڀٽي کي احساس ٿيو، هن اٽليءَ ۾ موجود سفارڪارن کي چيو ته “فلاسيءَ کي ڳولهي پيغام ڏيو ته انٽرويو واپس وٺي.” اها ڳالهه هن جي اندر ۾ ويٺل هڪ معصوم انسان جيان هئي، جيڪو ڪنهن کي ڏکوئڻ نه چاهيندو آهي. فلاسيءَ جي انٽرويو ۾ ڀٽو اهو ئي ظاهر ٿيو، جيڪا حقيقي طور هن جي شخصيت هئي. هن جي حياتيءَ جا اهي پهلو، جيڪي اڳتي هلي آمريڪي اسڪالر اسٽينلي وولپرٽ جي ڪتاب Zulfi Bhutto of Pakistan ۾ نروار ٿيا. وولپرٽ ان کان اڳ ننڍي کنڊ جي ٻن وڏين شخصيتن جناح ۽ گانڌي تي ڪم ڪري چڪو آهي. شهيد ڀٽو تي تحقيق لاءِ وولپرٽ کي هن جي خاندان طرفان ان جي لائبرري ۽ ضروري دستاويزن تائين رسائيءَ سميت هر قسم جون سهولتون ڏنيون ويون، نتيجي ۾ وولپرٽ جو مطالعو ڀٽي جي ڪردار بابت حقيقي تحقيق آهي. وولپرٽ جو تجزيو ٻڌائي ٿو ته اعلى تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڀٽي جو پاڪستان پهچڻ ۽ پوءِ هڪ پختي سياستدان ٿيڻ تائين اڻ کٽ عنصرن جو شامل هجڻ آهي.

1950 جي شروعات ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو تعارف هڪ اهڙي روشن خيال قانون جي پروفيسر جو هو، جيڪو عملي حياتيءَ ۾ قانون جي نفاذ لاءِ مسلسل جهدوجهد ۾ آهي. 1958 ۾ هن کي ملڪ جي قانون جي وزير جي وزارت ملي، اسڪندر مرزا جي سرپرستيءَ ۾ هو خوش هو، اهو سڀ ڄاڻيندي ته جمهوريت لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ نه پيو ٿئي، ڪجهه وقت اندر ئي جڏهن ايوب خان طرفان سڪندر مرزا کي هٽايو ته هن به پنهنجو وفاداريون تبديل ڪري ورتيون. اسڪندر مرزا جي باري ۾ جڏهن هن جي پٽ همايون مرزا سوانح عمري لکي ته ان ۾ هن لکيو ته، “منهنجي بابا (اسڪندر مرزا) پهرين ملاقات ۾ ئي ڀٽي جي تعريف ڪندي چيو ته ڪابينا ۾ نوجوان وڪيل جي وزير طور شموليت ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.” جواب ۾ ذوالفقار علي ڀٽي، اسڪندر مرزا جي مهرباني مڃي ۽ هن ڏانهن هڪ نياپو موڪليائين ته “تاريخ لکندي ته اسڪندر مرزا نهايت وڏو ماڻهو هو، پاڪستان جي باني محمد علي جناح کان به وڏو انسان….. آڪٽوبر 1958 ۾ مرزا پنهنجي گهرواري ناهيد سان برطانيا طرف جلاوطن ڪيو ويو. ڀٽي وري ڪڏهن به اسڪندر مرزا جي ڳالهه نه ڪئي، هو ايوب خان سان ڳنڍجي ويو هو. پورا اٺ سال هو مختلف وزارتن جنهن ۾ واپار، صنعت ۽ قدرتي وسيلن جون وزارتون شامل آهن جو وزير رهيو. ان وچ ۾ هن ڪڏهن به پوئتي نه نهاريو، هن جي من ۾ اڳتي وڌڻ جي شديد خواهش پروان چڙهي رهي هئي.

سال 1960 ۾ ڀُٽي سوويت يونين سان توانائيءَ جي هڪ معاهدو ڪيو. هي اهو قدم هو، جنهن جي هر پاسي کان تعريف ڪئي وئي. 1963 ۾ جي شروعات ۾ هو محمد علي بوگره جي موت کانپوءِ ايوب خان حڪومت ۾ پرڏيهي وزير ٿي ويو، ساڳي وقت تي ڪنوينشن مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. هن تجويز ڏني ته ايوب خان تاحيات صدارت جي پدَ تي فائز رهي. ڀٽي جي زندگيءَ تي تحقيق ڪندڙ هن جي ان وقت کي طاقت جي حوالي سان بهترين دؤر قرار ڏين ٿا، جڏهن ته هن جا مخالف اڄ به ان عرصي کي سٺو نه ٿا سمجهن، جنهن ۾ هو آمريت نواز سياستدانن جي پهرين صف ۾ بيٺو هو……. ۽ پوءِ ڪجهه ئي وقت ۾، جهڙي ريت وولپرٽ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته ڀٽو ڳالهين کي سمجهڻ لڳو ته هو نجي محفلن ته ڪٿي سرِ عام پڻ ايوب خان جي مٿان تنقيد ڪندو هو. تاشقند ۾ جنوري 1966 جي رات دير سان سيڪريٽري خارجه عزيز احمد، ڀُٽي کي چيو `The bastard is dead` جنهن تي ڀٽي هن کان پڇيو ڪير؟ ڄڻ هو پڇندو هجي ’ايوب خان‘ پر عزيز احمد جو اشارو ڀارتي وزير اعظم لال بهادر شاستري طرف هو. وولپرٽ جي مطابق ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور اعتماد سان 1971 ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن هن پوري ڪوشش ڪري 93 هزار قيدي فوجين کي هندستاني جيلن مان آزاد ڪرايو، هي ملڪ تي ڏکيا ڏينهن هئا. پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو هو. ڀٽي جي اڳيان تمام گهڻيون تلخ حقيقتون ۽ مسئلا هئا، جن کي حل ڪرڻ لاءِ هن کي گهڻو ڪم ڪرڻو هو. ان کان اڳ ماڻهن جي اڪثريت سمجهي رهي هئي ته پاڪستان ۾ تباهي جي سببن ۾ هو به شامل هو. اهو تنقيدي خيال، ڀٽو، پاڻ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. جڏهن  به ملڪ ٽٽڻ جي ڳالهه نڪتي هن مجيب سميت سڀني کي ان جو ذميدار قرار ڏنو. بنگال ۾ ويڙهه، ماڻهن جي مرڻ جو هن کي افسوس ٿيو، نتيجي ۾ هن فيصلو ڪيو ته اولهه پاڪستان ۾ قيد مجيب الرحمان کي آزاد ڪجي، پنڊيءَ جي چڪلاله ايئرپورٽ تي جڏهن جهاز مجيب الرحمان کي کڻي اڏامڻ لڳو ته هن هيٺ ڪنڌ ڪري ڀڻڪو ڪيو: “بلبل اڏامي وئي.”

ڪتاب Zulfikar Ali Bhutto and Pakistan, 1967-1977 ۾ رفيع رضا لکيو ته “سال 1967 کان ذوالفقار ڀٽي، جي.اي. رحيم، معراج محمد خان، عبدالحفيظ پيرزادي ۽ ٻين سان ملي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيو. اهو نومبر جو مهينو هو، ڀٽو، هڪ سال کان مٿي عرصو حڪومت کان ٻاهر رهندو پئي آيو، ايوب خان هن کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو. جولاءِ 1966 کان نومبر 1967 تائين هڪ گهٻرايل ڀٽو، اسان جي اڳيان هو. هن جي مطابق ايوب خان تاشقند معاهدي ۾ ملڪ سان غداري ڪئي هئي. ان وچ ۾ ايوب خان مسلسل پنهنجي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ واڙي رهيو، هو. هو ڀٽي جي معاملي ۾ ائين ڪري سگهي پيو. آخرڪار ائين ٿيو، نومبر 1968 ۾ ڀٽي کي ٽن مهينن جي جيل ياترا ڪرڻي پئي، پر ان جي وچ تي هو پارٽيءَ کي مضبوط ڪري چڪو هو.” هڪ اهڙي پارٽي، جيڪا ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهي هئي. هن جي اڳواڻ سان ماڻهو بيحد پيار ڪري رهيا هئا، سياسي وابستگي عقيدت جون حدون ڇهي رهيون هيون ته هن کي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو. مارشلا جي ذريعي جمهوري حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. ڀٽي کي جيل ۾ وڌو ويو. قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو. سپريم ڪورٽ ۾ شنوايون ٿيون، هن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.`If I am assassinated` ڪتاب ذوالفقار علي ڀٽي جو لکيل آهي، جنهن جي باري ۾ هندستاني صحافي پران چوپڙا لکيو ته “هن هڪ شاندار ذهن سان تاريخ سان مڪالمو ڪيو ۽ ترقي پذير دنيا جي دلچسپ ملڪن مان هڪ جي باري ۾ هو پنهنجي منفرد تجربن جو اظهار ڪيو آهي.” هو ڪهڙي ريت پاڪستان جي سياست ۾ آيو، ڪنهن جي مدد سان آيو، آخر ۾ ڪنهن هن کي رستي جو ڪنڊو سمجهي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي تاريخ ۾ اڄ تائين هن جي شخصيت جيان ‘معمو’ بڻيل آهي. سال 2011 ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداريءَ، ڀٽي جي خون سان انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي هئي، جنهن لاءِ ڪجهه وقت اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر ان جون شنوايون شروع ٿيون، آخرڪار فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته “اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو، ڀٽو جي ٽرائل ۾ بنيادي حقن تي عمل نه ڪيو ويو.  سپريم ڪورٽ جيچيف جسٽس محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ جي اها متفقه راءِ آهي ته ذوالفقار ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو، جيستائين غلطيون تسليم نه ڪنداسين پاڻ کي درست نه ٿا ڪري سگهون.”