شهيد ڀُٽي جي پ پ ۽ هاڻوڪي جماعت ۾ فرق

0
43
شهيد ڀُٽي جي پ پ ۽ هاڻوڪي جماعت ۾ فرق

 اڄ کان 45 سال اڳ پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهيءَ چاڙهي شهيد ڪيو ويو. تازو سپريم ڪورٽ ڀٽو ريفرنس ڪيس ۾ اهو قرار ڏئي چڪي آھي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي جنهن ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي، ان ۾ قانوني طور گهربل طريقهء ڪار اختيار نه ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي کي فيئر ٽرائيل جو موقعو نه مليو. سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو عام ماڻهن جي ان راءِ کي درست تصور ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي ته ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل ڪيو ويو. جڏهن سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو ٻڌائي رهي هئي، ان وقت بلاول ڀٽو زرداري پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. فيصلو ٻڌڻ بعد بلاول ڀٽو هڪ پاسي وڃي روئي رهيو هو. سندس سڏڪا ان جي اسٽاف کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. اهي سڏڪا شايد هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ملڪ جي وزير اعظم کي بي رحمي سان ڦاهيءَ تي لٽڪائي ڇڏڻ جي وڏي ٿيل زيادتي بابت هئا. 5 جنوري 1928ع تي جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽي کي جڏهن 4 اپريل 1979ع تي ڦاهي چاڙهي ماريو ويو، تڏهن ان جي عمر 51 سال هئي. 51 سالن جي عمر ۾ ڪوڙي ڪيس ۾ آمر ضياءُ الحق جي منشا تي ڦاهي چاڙهي شهيد ڪيل ذوالفقار علي ڀٽي جي باضابطه ۽ عملي سياست جو آغاز 1960 کان ڪجي، جڏهن هو وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي سياست لاءِ رڳو 19 سالن جو عرصو مليو. ذوالفقار علي ڀٽو رڳو 19 ورهين جي سياسي زندگي ۾ پاڪستان کي پهريون متفقه آئين ڏئي ويو. ملڪ کي ايٽمي پروگرام ڏنو. عرب ملڪن سوڌو پرڏيهي پاليسي ڏني. ڀارت کان 90 هزار فوجي آزاد ڪرائڻ، صنعتي سڌارا ڪرڻ سميت ڪيترائي وڏا ڪم ڪيا آھن پر منهنجي نظر ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏن ڪمن ۾ عوام کي شعور ڏيڻ سان گڏ عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏيڻ به هڪ ڪارنامو آھي. ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي تڏهوڪي آمر ايوب خان جي ڪابينا مان نڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جو وجود رکيو ۽ عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ پهچڻ جي سفر جي شروعات ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي پاران پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي نالي جوڙيل پارٽي کي پاڪستان جي جمهوري پارٽي تصور ڪيو ويندو رهيو. ايتري تائين جو پيپلز پارٽي جي قيام بعد جيڪي پارٽيون وجود ۾ آيون، اهي طاقتور ڌرين يا ته پيپلز پارٽي کي سوڙهو ڪرڻ ۽ ان سان مقابلي لاءِ جوڙيون يا وري اهي پارٽيون پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ ميدان تي آيون. پيپلزپارٽي جي قيام کان 2013ع تائين پاڪستان ۾  هڪ طرف پيپلز پارٽي ۽ ٻئي طرف پيپلز پارٽي مخالف سياست ٿيندي رهي.

پيپلز پارٽي هن وقت به ملڪ جي وڏين پارٽين ۾ شمار ٿيندڙ پارٽي آھي، جنهن جي لڳاتار 2008ع کان هن وقت تائين سنڌ ۾ حڪومت قائم آھي پر ماڻهن جو گهڻو تعداد اڄ جي پيپلز پارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور جي پارٽي وچ ۾ تمام گهڻو فرق محسوس ڪري رهيا آھن، جنهن جو ميڊيا ۽ نجي ڪچهرين ۾ به ذڪر ٿيندو رهي ٿو. ماڻهن جو خيال آھي ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان بعد شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ پيپلز پارٽي کي ان جا سياسي مخالف به ملڪ جي وڏي سياسي ۽ اسٽريٽ پاور رکندڙ پارٽي تصور ڪندا هئا پر هن وقت جي پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ به اليڪٽيبلز جي سهاري تي بيٺل پارٽي ماڻهن نه رڳو چوڻ شروع ڪيو آھي پر ماڻهو هن وقت پيپلز پارٽي وٽ اهو اسٽريٽ پاور ۽ عوامي مقبوليت نه هجڻ جون به ڳالهيون ڪري رهيا آھن، جيڪا مقبوليت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي دور ۾ هئي. ماڻهو اهو به محسوس ڪري رهيا آھن ته ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي دور ۾ عوامي طاقت سان اقتدار ۾ اچڻ جي پاليسي ئي هلندي هئي پر هن وقت ان پاليسي مٿان جوڙ توڙ جي پاليسي حاوي ٿيل نظر اچي رهي آھي. شايد ان پاليسي ڪري ئي سنڌ مان پيپلز پارٽي جي سينيئر ۽ وفادار اڳواڻ سرفراز راڄڙ کان ٽڪيٽ ڏيڻ بعد سينيٽر شپ تان اميدوار طور هٿ کڻايو ويو، جيئن اهو فيصل واوڊا سينيٽر چونڊجي سگهجي، جيڪو فيصل واوڊا هڪ ٽي وي شو ۾ فوجي بوٽ کڻي آيو هو. پيپلز پارٽي ان فيصل واوڊا جي حمايت ڪري کيس سينيٽر چونڊرايو آھي، جنهن فيصل واوڊا اهو به مناسب نه سمجهيو ته اهو پارٽي ۾شامل ٿئي پر ان اهو بيان ڏنو ته هي وقت سياسي پارٽين جو نه، آزاد اميدوارن جو آھي. معلوم نه آھي ته فيصل واوڊا کي آزاد حيثيت ۾ سنڌ مان سينيٽر چونڊرائڻ جي پيپلز پارٽي کي ڪهڙي مجبوري لاحق هئي، جو پيپلز پارٽي فيصل واوڊا کي ته چونڊرائڻ ضروري سمجهي ٿي پر پنهنجي پراڻن اڳواڻن رضا رباني، عاجز ڌامراه، ڪريم خواجه ۽ ٻين کي چونڊرائڻ ضروري نٿي سمجهي. نه رڳو ايترو پر عام چونڊ کان ڪجھ ڏينهن اڳ نگران ڪابينا ۾ گهرو وزير رهندڙ، ان کان اڳ نظر نه ايندڙ عنصرن پاران جوڙيل “باپ” پارٽي ۾ رهندڙ سرفراز بگٽي کي پيپلز پارٽي نه رڳو ٽڪيٽ ڏني پر ان کي وڏو وزير به ڪرايو، جنهن بلوچستان صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت قائم ڪئي آھي. ان بلوچستان صوبي مان به نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي آزاد حيثيت ۾ سينيٽر چونڊرايو ويو آھي. هاڻي چيو اهو پيو وڃي ته انوار الحق ڪاڪڙ جي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ جا امڪان آھن ۽ پيپلز پارٽي جي وائيس چيئرمين يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين نه ٿي سگهندو. اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڪير سينيٽ چيئرمين ٿئي ٿو پر سنڌ جي سينيٽ ۾  ڪل 23 سينيٽرن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ سينيٽر اقليت ۾ پيپلز پارٽي جي ڪري تبديل ٿيا آھن. سنڌ مان چونڊيل 23 سينيٽرن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 10 ۽ اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 13 سينيٽر آھن، جن ۾ اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ 9 سينيٽر آھن. سنڌ جي جن ضلعن مان  پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ لڳاتار ملي رهيو آھي، انهن ضلعن سان اردو ڳالهائيندڙ سينيٽرن جو تعلق ته ناهي پر انهن جو اچڻ وڃڻ به نه هجڻ جي برابر آھي. پوءِ اهي سنڌ جي پٺتي پيل انهن ضلعن جي مسئلن کي اٿاري نمائندگي ڪيئن ڪندا؟ کين اهو به شايد ئي معلوم هجي ته سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ اغوا انڊسٽري قائم ٿي وئي آھي. 40 کان وڌيڪ شهري ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آھن. انهن ضلعن اندر ڏينهن جو به ڪنهن ضروري ڪم لاءِ نڪرڻ تي گهر ڀاتين جو ان جي واپسي تائين ساهه مٺ ۾ هوندو آھي. کين اهو به شايد چڱي ريت معلوم هجي ته اتر سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئن بد امني جي نرسري جو ڪم ڪري رهيا آھن ۽ قبائلي جهيڙا ڪيئن  لاقانونيت ۽ هٿيارن جي غير قانوني ڪاروبار کي هٿي ڏئي رهيا آھن. مونکي نٿو لڳي ته سنڌ مان چونڊيل انهن سينيٽرن کي اهو درست نموني اندازو به هوندو ته سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ عرصي کان ٿيندڙ زيادتي معاشي طور ڪيتري وڏي تباهي جو سبب ٿي رهي آھي. شايد کين اهو اندازو هجي ته سنڌ ملڪ اندر تيل ۽ گيس جي ڪل پيداوار ۾ ڪيترو حصو ڏئي ٿي پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ڪيتري آبادي کي گيس ملي رهي آھي! سوال ته هي به آھي ته اگر فيصل واوڊا ۽ ٻيا سينيٽ ۾ سنڌ جي درست نموني نمائندگي نه ڪن يا ڪنهن اهڙي موضوع جي حمايت ڪري بيهي رهن، جنهن جي سنڌ عرصي کان مخالفت ڪندي رهي آھي ته ڇا ان جو ذميوار رڳو اهي هوندا يا کين چونڊرائيندڙن مٿان به ان جي ذميواري عائد ٿيندي؟

خير پاڻ ڳالھ پئي ڪئي ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏن عوامي مفادن وارن ڪارنامن جي، جن ڪارنامن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومت ۾ زرعي سڌارا آڻيندي زرعي ۽ غير زرعي زمين رکڻ جي حد مقرر ڪئي، جنهن تحت 150 ايڪڙ زرعي ۽ 300 ايڪڙ غير زرعي زمين رکي پئي سگهجي. ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومت دوران ان تي عمل به ڪرايو پر ان بعد ان پاليسي تي عمل رڪجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جي انهيءَ زرعي سڌارن واري پاليسي تي ٻيا ته ٺهيو پر پيپلز پارٽي سان واڳيل ڪيترائي اڳواڻ به عمل نه ڪري رهيا آھن. پيپلز پارٽي سان واڳيل اڳواڻن ووٽ به ذوالفقار علي ڀٽي جي پاليسي ۾ طئه ڪيل ايراضي کان  سوين هزارين ايڪڙن زمين وڌيڪ آھي. پوءِ اهي ذوالفقار علي ڀٽي جي زرعي پاليسي يا سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي ڇو ڪوشش ڪندا…! محسوس اهو ٿي رهيو آھي ته سنڌ ۾ جاگيرداري جو نظام ختم ٿيڻ بجاءِ وڌي رهيو آھي. جنهن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سنڌ سوڌو سڄي ملڪ جي پيرن، ميرن ۽ ڀوتارن کي عام ماڻهوءَ جي درن تي اچي ووٽ ڏيڻ جي صدا ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو،  اهو عوام اڄ پيرن، ميرن ۽ ڀوتارن ووٽ ننڍن مسئلن لاءِ وڃي سوالي ٿي رهيو آھي ۽ جن آفيسرن کي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي، انهن سرڪاري کاتن ۾ عوامي خدمت واري سروس جي فراهمي ڄڻ ته خواب بڻجي وئي آھي. رشورت حق سمجهي ڳائي وڄائي ورتي پئي وڃي. جائز ڪم لاءِ به ريٽ مقرر ٿين ٿا. سرڪاري يونيورسٽن ۾ به سيميسٽر جي في لکن ۾ وڃي پهتي آھي. ڀٽي صاحب جن سرڪاري آفيسرن کي عوام جو نوڪر يا خادم ڪرڻ پئي چاهيو، اهي حاڪم ٿي ويا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي ته عوام لاءِ “اٽي، لٽي ۽ اجهي” جو نعرو هنيو پر ملڪ، خاص طور تي سنڌ ۾ بي روزگاري، ناجائز منافعي خوري، چور بازاري ۽ مهانگائي جنهن جوڀن تي اچي پهتي آھي، ان ۾ عام ماڻهن لاءِ ٽن ويلن جي کاڌي پيتي جو بندوست ڪرڻ ئي مشڪل ٿي ويو آھي. اهڙي صورت ۾ ڀٽي صاحب جي نعري تحت اٽي، لٽي ۽ اجهي جو بندوبست ڪرڻ ڇا عوام جي وس جي ڳالھ رهي آھي؟

هاڻوڪي پيپلز پارٽي عوامي انقلابي رستا اختيار ڪرڻ بجاءِ سمجهوتن جي سياست واري رستي تي هلندي محسوس ٿي رهي آھي. اهو به محسوس ڪيو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي جنهن جو وجود ذوالفقار علي ڀٽي ان وقت جي آمر خلاف جدوجهد ڪرڻ لاءِ وڌو ۽ ان بعد ان جي نياڻي بينظير ڀٽو پنهنجي پارٽي جي سڃاڻپ آمريت مخالف پارٽي ۽ جمهوريت جي دفاع ۾ بيٺل پارٽي طور ٺاهي پر اڄ انهن جي پيپلز پارٽي لاءِ عوامي راءِ ئي تبديل ٿي رهي آھي. محترمه بينظير ڀٽو چئي وئي آھي ته جمهوريت بهترين انتقام آھي پر ڪجھ  ماڻهن جو خيال اهو به آھي ته هن وقت پيپلز پارٽي جيڪو ڪجهه ڪري پئي، اهو جمهوريت کان بهترين انتقام آھي.

ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن کي عوام دوست پاليسين ڪري قائد عوام سڏيو وڃي ٿو، ان جو ته 51 ورهين جي عمر ۾ عدالتي قتل ڪيو ويو پر سندس نياڻي بينظير ڀٽو کي جڏهن دهشتگردن قتل ڪيو، تڏهن ان جي عمر 54 سال هئي. ائين ذوالفقار علي ڀٽي جي فرزند مير مرتضيٰ ڀٽي کي جڏهن ان جي گهر ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، تڏهن ان جي عمر 42 سال هئي، جڏهن ته شاهنواز ڀُٽي کي جڏهن زهر ڏنو ويو، ان وقت ان جي عمر رڳو 26 سال هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي قاتلن کي ته ڪجھ نه ٿي سگهيو پر بينظير ڀٽو جي قاتلن جو به اڃان ڪو پتو نه پئجي سگهيو آھي. اهو ئي سبب آھي ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن “بي بي هم شرمنده هين، تيري قاتل زنده هين” جا نعرا لڳائيندا آھن. مير مرتضيٰ ڀُٽي جا قاتل به اڃان قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آھن. اڄ ملڪ ۾ جيڪو سياسي حوالي سان گهٽ ۽ ٻوسٽ جو ماحول آھي، ان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙن ڪردارن جي ضرورت آھي، جيڪي ڪنهن طاقتور بجاءِ عوام جا ڀرجهلا ٿي بيهي رهن.