آئون پهريون ڀيرو ڊنل آهيان

0
81
آئون پهريون ڀيرو ڊنل آهيان

 ويهين صديءَ ۾ دنيا ٻن حصن ۾ ورهايل هئي، ھڪ اولهه (آمريڪا، يورپ) جي ڪيمپ ۾ هئا ته ٻيا سوويت يونين (روس) جي. ٻنهي جي وچ ۾ سرد جنگ هلي رهي هئي، اولهه طاقت ۽ لالچ سان ننڍن ملڪن کي پنهنجي طرف ڪري رهيو هو ۽ ٻئي پاسي سوويت يونين طاقت ۽ ذهنن تي قابض ٿي ملڪن ۽ اتان جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. ڀارت ان وقت سوني جهرڪي هئي. اولهه هر صورت ۾ ڪميونزم کي هندستان کان پري رکڻ پئي چاهيو، جيڪو هندستان جي عوام خاص ڪري پورهيت طبقي ۾ وڏي تيزي سان پکڙجي رهيو هو. هڪ طرف اولهه پنهنجي زبان، فلمن، ويس، دولت، ايجاد ۽ بندوق سان ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي سوويت يونين پنهنجي لٽريچر سان وچولي طبقي جي ذهنن تي قابض ٿي رهيو هو، ڏکڻ هندستان، بنگال، ڪيرالا وغيره ان کان ڪافي متاثر ٿيا هئا. ڪميونزم کي پري رکڻ جي لاءِ ڪيترن ئي علائقن جي سرحدن ۾ تبديلي آندي پئي وئي، مثال طور اوهان جيڪڏهن واخان راهداري جو نقشو ڏسو ته هڪ سنهي ڊگهي لائين سان افغانستان جي سرحد کي چين سان ملايو ويو آهي ته جيئن هندستان ۽ سوويت يونين جي سرحد پاڻ ۾ نه ملي سگهي، (هڪڙي جاءِ تي ته صرف 17 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي) اوهان جيڪڏهن اسان جي خطي جو نقشو ڏسو ۽ اڄ جي ملڪن کي مختلف رنگ ڏئي غور سان ڏسو ته اوهان کي گهڻو ڪجهه سمجهه اچي ويندو. اوهان جيڪڏهن ٿوري گهڙي سمجهه رکو ٿا ته ان ۾ اسان جي خطي جو مستقبل به نظر ايندو. عرب، آفريقا جا نقشا ڏسو اتي به سرحدون نه پر باهه جا درياهه ٺاهيا ويا آهن.

سرد جنگ دوران هزارين جاسوس نه صرف هڪ ٻئي جي ڪيمپن ۾ موڪليا ويا پر هڪ ٻئي جي ماڻهن کي پڻ خريد ڪيو ويندو هو، اهڙا هزارين مثال ملندا، انهن مان هڪ واقعو آئون توهان سان ونڊڻ چاهيندس. سوويت يونين فوجي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪندي ڪندي اوچتو ناڪام ٿيڻ لڳو، ناڪامي جو سبب سمجهه نه پئي آيو، وڏي جدوجهد بعد هڪ آفيسر جهلجي پيو، جڏهن ان جو ٽريڪ رڪارڊ ڏٺو ويو ته بلڪل صاف، ڪڏهن ڪا شڪايت نه، جڏهن پڇا ڳاڇا ٿي ته خبر پئي ته ڪيترن ئي سالن کان دشمن جي لاءِ ڪم ڪري رهيو هو، دشمن هن کان ڪو خاص ڪم نه ورتو، آهستي آهستي ان کي ترقي ڏياري وڏو آفيسر بڻارائي ڇڏيو، ان کي اهڙي جاءِ تي مقرر ڪرايو، جتي مختلف محاذن تي فوجي آفيسر جون ڊيوٽيون لڳايون وينديون هيون، هن جو ڪم صرف ايترو هو ته اهم محاذن تي نااهل جنرلن جي مقرري ڪري. اڄ به جيڪڏهن ملڪن جي پاليسي ميڪرز ۽ فوج اندر ارٿ شاستر، ميڪاولي جهڙا ڪتاب (جيڪي ڪيترائي سئو سال پهرين لکيا ويا هئا) پڙهايا وڃن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪيو وڃي ٿو ته ڇا مٿي ٻڌايل واقعو جنهن کي سئو سال کان به گهٽ عرصو گذريو آهي، ان کي اسان جهڙن ملڪن ۾ استعمال نه ڪيو ويندو هوندو؟ آئون ڪنهن هڪ اداري جي ڳالهه نه پيو ڪريان، ڪنهن به اداري ۾ ايئن ٿي سگهي ٿو.

اڄ ملڪ جنهن جاءِ تي بيٺو آهي، آئون پهريون ڀيرو ڊنل آهيان، خدا گواهه آهي مونکي پنهنجي ملڪ سان عشق آهي، آئون پنهنجي وطن جي هر ان لڪير تي شڪراني جو سجدو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مونکي ٻڌائي ٿي ته لڪير جي هن پاسي منهنجو وطن آهي ۽ ٻئي پاسي ڪنهن ٻئي جو، جيڪو منهنجو آهي، ان سان مونکي محبت آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي جو آهي، مونکي ان جو احترام آهي، آئون ته انهن پٿرن سان به محبت ڪريان ٿو، جيڪي اسان جي امانت جي حفاظت ڪن ٿا، يعني سنڌو جو پاڻي جنهن کي ٻئي پاسي وڃڻ کان روڪين ٿا. منهنجي سنڌ جي زمين لاءِ پاڻي سان گڏ واريءَ جو تحفو موڪلين ٿا، آئون انهن سخت پٿرن جي پهاڙن جي چوٽين تي سخت جان پٿرن کي ڦاڙي جڙي ٻوٽيون پيدا ڪندڙ رب جو شڪر گذار آهيان. آئون انهن جڙي ٻوٽين سان پڻ محبت ڪريان ٿو جيڪي اسان جي پاڻي کي طاقت بخشين ٿيون، آئون هر ان شئي سان محبت ڪريان ٿو جنهن جي ڪري 77 سال نه 77 هزار سالن کان منهنجي سنڌ جو وجود زنده آهي، اسين زنده آهيون ۽ اسان جا نسل زنده رهندا. هڪ مسلمان هجڻ جي حيثيت سان مونکي خبر آهي ته مون کي پنهنجي خالق کي سجدو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرف ڏانهن رُخ ڪرڻو آهي، ان کي صدا ڪيئن ڏيڻي آهي. پر هڪ پاڪستاني هجڻ جي ناتي مونکي ناهي خبر ته پنهنجي ملڪ جي حالت تي ڪهڙي طرف منهن ڪري ڪنهن کي مخاطب ڪرڻو آهي. ڪنهن چيو ته اتر طرف منهن ڪري ڳالهائي، جتي ملڪ جو دار الخلافه آهي، قاضي به اوڏانهن آهي ته غازي به، لا ميڪر به اتي آهي ته لا بريڪر به. مونکي ناهي خبر پر آئون وتائي فقير ۽ بهلول جيان ملنگ بڻجي صدا هڻان ٿو، شايد ڪن صحيح ڪنن تائين منهنجو آواز پهچي وڃي. جڏهن ڪنهن کي زور سان ڌڪ لڳي ٿو ته ان وقت اها جاءِ سُن ٿي ويندي آهي، سُور جو احساس ٿوري دير بعد ٿئي ٿو، جيڪو ترت مرهم نه لڳائڻ سان شدت اختيار ڪري وڃي ٿو.

حال ئي ۾ ملڪ ۾ سليڪشن (اليڪشن) ٿيا، ڪجهه ڏينهن پهرين اسيمبلي جو سيشن ڏٺو ته سُور جو احساس ٿيو، مونکي يقين آهي ته حڪومت ڪجهه عرصو هلندي ته سُور جي شدت اسان عام ماڻهن کان برداشت نه ٿيندي. چيو ويندو هو ته نوجوان ملڪ جو اثاثو هجن ٿا، انهن کي اڳيان آندو وڃي ته ملڪ محفوظ هٿن ۾ هوندو، مونکي هر جاءِ جوان سان گڏو گڏ نوجوان نظر اچن ٿا، چاهي اسيمبلي هجي، بيوروڪريسي هجي، چانهه جو هوٽل هجي، شراب جو دڪان هجي يا گٽڪي جو، هر جاءِ تي نوجوان ئي ته نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ملڪ محفوظ ۽ مضبوط هٿن ۾ آهي ته سُور ۾ شدت ڇو اچي پئي؟ پارليمان ۾ بد تهذيبي جو تصور به نه هو، ماڻهو بد تهذيبي جي باري ۾ مثال ڏيندي اهو چوندا هئا ته هي پارليماني لفظ ناهي، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مون اجلاس ڏٺو ته خبر پئي ته هي پارليمان ئي ناهي، ماڻهن جڏهن منتخب ئي ناهي ڪيو ته ڪهڙو پارليامان. جڏهن سليڪشن ٿي ته ماڻهن جي نمائندن جي جڳهه درندن کي وٺڻي هئي. ماڻهو چون ٿا ته فرشتا نظر نٿا اچن، آئون چوان ٿو ته ابليس به نظر نٿو اچي، فرشتا ماڻهن جي لاءِ رحمتون کڻي اچن ٿا، ابليس ماڻهن جي تباهي جو سامان کڻي اچي ٿو. اَي منهنجا رب ابابيل موڪل جيڪي هن ملڪ کي تباهه ڪندڙن مٿان ڪنڪريون وسائين، منهنجي وطن جا ماڻهو خود ڪشي، عصمت فروشي، فاقه ڪشي تي مجبور آهن، اسين ملڪ جي ڪنهن به عوام جي ٺاهيل اداري ۾ ويٺل ڪنهن شخص کي نٿا سڃاڻو، هي اسان دراوڙن تي آريا سماج جا ماڻهو مسلط ٿي ويا آهن، جيڪي چون ٿا ته سماج جا چار طبقه ناهن، صرف ٻه آهن، هڪ اسين يعني طاقتور ۽ ٻيا توهين يعني محڪوم، اسين راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون ۽ اوهين ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ.

لڳي ايئن ٿو ته جيڪو به ملڪ دشمن آهي ان هر اداري جي ڊَمِي (ڪاپي) ٺهرائي آهي، جيڪا ڏسڻ ۾ ته ساڳي هجي پر اصل نه هجي، ان جي اندر نوجوان، عورتن، اقليتن مان ماڻهو هجن جيڪي انهن جا نمائنده لڳن پر هجن ڊَمِي. نوجوان جا نعرا ايترا زور سان ۽ بار بار لڳايا ويا، جنهن جي ڪري هر جڳهه تي نوجوان اڪثريت ۾ نظر اچي ٿو پر ان جي ڪا به اهليت ناهي، اصلي نعرو اهل نوجوان هجڻ گهرجي خالي نوجوان نه. لڳي ٿو ته دشمن صحيح جڳهه تي ڪو اهڙو ماڻهو ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪم نااهل ڳولي انهن کي ملڪ جي اعليَ عهدن تي ويهارڻو آهي، ملڪ جي سرحدن تي امن رکو، قيادت نااهلن جي حوالي ڪريو ته جيئن ديوار ۾ ڏار اندران پوي.