ٽنڊوالھيار (ن پ ا) شهيد نظير عباسي جي وني حميده گھانگھرو، سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري سان گڏ ٽنڊوالھيار پھتي حميده گهانگهرو وفد سان گڏ شهيد نظير عباسي يادگار جو دورو ڪرڻ بعد بار جي وڪيلن، سول سوسائيٽي، صحافين ۽ شھرين جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ ٽنڊوالھيار پريس ڪلب پھتي. حميده گھانگھرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جن به ماڻھن شھيد نظير عباسي جي نالي جي تختي ھٽائڻ خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪيل اھڙي عمل جي مذمت ڪندي ان جي خلاف مزاحمت ڪئي اسين انھن جو شڪريو ادا ڪرڻ آيا آھيون. ھن چيو ته شھيد نظير عباسي ٽنڊوالھيار ڄائو ھو پر ھڪ سچو نظرياتي قومي جمھوريت پسند اڳواڻ ھو جنھن ھن ڌرتي واسين لاءِ پنھنجي جان قربان ڪئي. هن چيو ته شهيد نظير عباسي جو نالو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو هتي جي انتظاميه پاران شهيد نظير عباسي جي نالي سان لڳل يادگار تختي کي ڊاهي اسان سڀني جي دل آزاري ڪئي هئي هن چيو ته آئون پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي حاجي عبدالستار بچاڻي سميت سڀني جي ٿورائتي آهيان جنهن ٻيهر شهيد نظير عباسي يادگار تختي تعمير ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. هن چيو ته شهيد نظير عباسي سميت جيڪي به اسان جا هيروز آهن انهن جي نالي سان منسوب ڪيل روڊ يا يادگار کي ڊهرائڻ بجاءِ انهن کي تعمير ڪرايو وڃي ته جئين اسان جي ايندڙ نسلن کي انهن بابت ڄاڻ رهي.