اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ وڪيل خواجا طارق جي آڊيو ليڪ

0
282

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ وڪيل خواجا طارق جي هڪ وڌيڪ مبينا آڊيو سامهون اچي وئي

 ليڪ ٿيل آڊيو ۾ اڳوڻو چيف جسٽس وڪيل خواجا طارق کي 7 رڪني بينچ جي ججمينٽ پڙهڻ لاءِ چوي ٿو

خواجا طارق چوي ٿو ته مان پڙهي وٺندس، اڳوڻو چيف جسٽس چوي ٿو ته خواجا صاحب توهان جو ڪو ماڻهو تيار هجي ته منير احمد خان وارو به استعمال ڪري وٺو، توهين عدالت جو بلڪل ڪليئر ڪيس آهي

آڊيو ۾ خواجا طارق چوي ٿو ته اهو به ٿي رهيو آهي، اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار آڊيو ۾ آزاد ڪشمير جو ذڪر ڪري ٿو

 خواجا طارق چوي ٿو ته اسان رڳو 3 رڪني بينچ جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ان کانپوءِ اسان توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪنداسين

 اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار وڪيل طارق خواجا جا ٿورا مڃي ٿو