نظريه ضرورت وارن فيصلن ملڪ کي نقصان پهچايو آهي: نذير تارڙ

0
275

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ نون ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو آهي ته عدالتن جي نظريه ضرورت تحت ڏنل فيصلن سدائين ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، سياسي معاملا عدالتن ۾ نه وڃڻ گهرجن، ثاقب نثار جي آڊيو ليڪ ٿيڻ سان عدليه تي ٻيهر آڱريون کڄي رهيون آهن

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ وڪيل خواجا طارق جي مبينا آڊيو ليڪ ٿيڻ واري مامري تي قانون واري وزير ۽ نواز ليگ اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران رد عمل ظاهر ڪيو

اعظم نذير تارڙ چيو ته عدالتن جي عزت تڏهن ٿيندي جڏهن عوام کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، جبري فيصلا مڙهڻ سان انارڪي کي هٿي ملندي