شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي مستوئي محلي جي رھواسين مارئي بليدي، شھناز بليدي ۽ عبد الله بليدي ميڊيا وارن کي ٻڌايو آهي ته دلمراد چانڊيو ۽ سڄڻ چانڊيو گندو پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏيو آهي، منع ڪرڻ تي حملو ڪري عورتن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو، مارئي جي ٻانهن ڀڄي پئي آهي. بي سيڪشن ٿاڻي تي جھيڙي ۽ عورتن مٿان تشدد جي اين سي داخل ڪرائي آهي، پوليس دلمراد ۽ سڄڻ چانڊيو کي گرفتار نه ٿي ڪري عورتن مٿان تشدد ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.