لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) “نوڪري ڏيو ٻچڙا بک ٿا مرن، لاڙڪاڻي جي رحمت پور پاڙي جي رهواسي معذور نوجوان عمران علي شيخ پنهنجي معصوم نياڻي مزمل ۽ پٽ عبدالرافع شيخ سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو پيءُ صوبدار شيخ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو ننڍو ملازم هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ نوڪري تان رٽائر ٿيو، هن وقت تائين پيءُ کي پينشن جي رقم به نه ملي آهي. هن چيو ته مون کي ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي اولاد آهي، معذوري سبب ڪو به ڪم ڪار ڪري نه ٿو سگهان، دلاسا ڏنا پيا وڃن پر اڄ ڏينهن تائين معذور ڪوٽا تحت نوڪري نه ملي سگهي، نوٽيس وٺي معذور ڪوٽا جي نوڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت آءُ ٻارن سميت پاڻ ساڙي خودڪشي ڪندس.