ڪشمور (رپورٽر)ڪشمور تعلقي اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن شاھ گل مزاري، حضرت الله مزاري ھدايت الله جکراڻي جي اڳواڻي ۾ علمدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. اڳواڻن چيو ته ڪشمور اسپتال مقرر ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي چور آهن. دوائن جي کوٽ آهي، ايڪسري، الٽرسائونڊ جي سهولت ناهي، گائني وارڊ سالن کان بند آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سول اسپتال جي گوسڙو عملي خلاف ڪارروائي ڪري علاج جون سهولتون مھيا ڪيون وڃن.