شهداد ڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف شهرين ٻئي ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رکيو، ان ڏس ۾ شهرين، سياسي سماجي ڌرين احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي ڪوٽو موٽو چوڪ وٽ بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي سياسي سماجي اتحاد جي اڳواڻ وزير علي کوسو، شيعا اڳواڻ حسن علي شاهه، حاجي خان ڀٽو، ايس يو پي جي آصف مگسي، يير بخش ڀٽي، ايس ٽي پي جي امداد سومرو، شاهد مستوئي، سرور شاھ نقوي  عبدالوھاب پندراڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس شهر ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن قائم ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.