ميرپورخاص (بيورورپورٽ)ميرپورخاص ۾ فلور مل جي مئنيجر  کان 30 لک رپيا ڦر، ان ڏس ۾  چنديجا فلور مل جي مينيجر اختر  کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن يرغمال بڻائي  30 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ھوڏانھن واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي متاثر شخص کان تفصيل وٺي واپس رواني ٿي وئي.