ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان خيرواهه سم نالو جو ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ ۽ پاڻي وارا پمپ پٽي اڇلائي وڃڻ سبب ھزارين ايڪڙ زمين سم جي پاڻي هيٺ اچي وئي، ان ڏس ۾  خيرواه سم نالو جو ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ پاڻي وارا پمپ پٽي اڇلائي ڇڏڻ سبب يوسي خيرواه يوسي ويسر ۽ يوسي ڦل جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم جي ورچڙهي وئي، ٻي طرف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو، مظاهرين امير حسين کوسو اعجاز کوسو راحيل کوسو سعيد خان کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته  خيرواه سم نالو جيڪو 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ٿيو هو جيڪو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل آھي، سم نالي جو  ٽرانسفارمر چوري ٿي ويو،  پمپ پٽي اڇلايا ويا آھن، نوٽيس ورتو وڃي.