شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار مڙس کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، شاهپورچاڪر جي ڳوٺ ٺوڙڪي پور ۾ جوابدار راول ڀيل پاران پنهنجي گهر واري شريمتي لڇمي ڀيل کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جتي ڪيس جي جاچ آفيسر ايس آءِ پي افتخار چانڊيو جوابدار کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي. جنهن تي عدالت سڳوري جوابدار جي ٽن ڏينهن جي رمانڊ منظور ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.شاهپورچاڪر ڀرسان قتل جو انڪشاف تڏهن سامهون آيو جڏهن عورت کي غسل دوران ڳچي تي گهٽي ڏيڻ جا واضح نشان موجود هئا، پوليس مقتولا جي پيءُ راجو ڀيل جي فرياد تي نياڻي راول ڀيل خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو، ٻئي طرف جوابدار مڙس پاران قتل جو اعتراف به ڪيو هو. هن چيو ته زال شڪي مزاج هئي، مٿس شڪ ڪندي هئي، جنهن سبب کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. هوڏانهن پوليس پوسٽ مارٽم ۾ رپورٽ ۾ مقتوله 6 مهينن جي حمل سان هئي، پيٽ ۾ ٻار فوت ٿيڻ واري معاملي تي ڪيس ۾ وڌيڪ قلم لڳايا ويندا.