شاه رخ جتوئي کي ڪهڙي مرض جي بهاني اسپتال ۾ رکيو ويو، سبب سامهون اچي ويو

0
950
شاه رخ جتوئي کي ڪهڙي مرض جي بهاني اسپتال ۾ رکيو ويو، سبب سامهون اچي ويو
شاه رخ جتوئي کي ڪهڙي مرض جي بهاني اسپتال ۾ رکيو ويو، سبب سامهون اچي ويو

ڪراچي (ن پ ا)  شاهزيب قتل ڪيس ۾ سزا مليل جوابدار شاهه رخ جتوئي کي جنهن مرض جي بهاني جي ڪري سينٽرل جيل ڪراچي مان خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو اهو سامهون اچي ويو

سنڌ جي گهرو کاتي شاهه رخ جتوئي کي 5 مئي 2021 تي پراڪٽو اسڪوپي لاءِ اسپتال وڃڻ جي اجازت ڏني هئي

گهرو کاتي شاهه رخ جتوئي کي ڪنهن وڏي اسپتال موڪلڻ لاءِ خط جاري ڪيو، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته جنهن اسپتال ۾ جوابدار موجود آهي اها ڪا وڏي اسپتال نه پر طبي سهولتن جو پرائمري ليول جي سيٽ اپ آهي

ماهرن جو چوڻ آهي ته پروڪٽو اسڪوپي 5 منٽن جو عمل آهي جنهن ۾ مريض کي اسپتال داخل ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي، اڪثر سرجن او پي ڊي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 20 کان 25 پروڪٽو اسڪوپي ڪندا آهن جڏهن ته جناح اسپتال سميت اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ پروڪٽو اسڪوپي جي سهولت موجود آهي ۽ پراڪٽو اسڪوپي عام طور تي بواسير لاءِ استعمال ڪئي ويندو آهي

شاهه رخ جتوئي 5 منٽن جي پروسيجر جي لاءِ ساڍا 7 مهينن تائين خانگي اسپتال ۾  رهيو جنهن کي ماهرن انتهائي بيوقوفي قرار ڏنو

ميڊيا تي شاهزيب قتل ڪيس جو جوابدار شاهه رخ جتوئي جيل ۾ هجڻ بجاءِ اسپتال ۾ سهولتن سان گڏ هجڻ جون خبرون سامهون اچڻ تي وڏي مراد علي شاهه انوکي منطق پيش ڪندي چيو هو ته شاه رخ جتوئي ۽ ٻيا جوابدار اسپتال ۾ آهن پر مري سانجي جيان ڪو  فوت ته ناهي ٿيو نه