اڏيرو لال ۾ پورهيت پوليس ۽ بااثرن جي آزار کان تنگ ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

0
215
اڏيرو لال ۾ پورهيت پوليس ۽ بااثرن جي آزار کان تنگ ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
اڏيرو لال ۾ پورهيت پوليس ۽ بااثرن جي آزار کان تنگ ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

اڏيرو لال(ن پ ا) اڏيرو لال ۾ ڳوٺاڻي پوليس اهلڪار ۽ بااثرن جي آزار کان تنگ ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي

ڳوٺ نوبت مري ۾ وزير خاصخيلي زهر پِي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺاڻي جي خودڪشي کان اڳ رڪارڊ ٿيل وڊيو منظرعام تي اچي وئي

وڊيو ۾ وزير خاصخيلي چوي ٿو ته  پوليس اهلڪار عبدالڪريم، عورت ليليٰ ۽ سندن ساٿين عيسيٰ ساند کي 2 سال اڳ قتل ڪيو، مقتول جي پيرسن امڙ کي به قتل کان بي خبر رکيو ويو

هي چوي ٿو ته، مان مقتول عيسيٰ جي والد کان پلاٽ ورتو هو، جوابدارن اُهو پلاٽ به کسي ڇڏيو، اهلڪار ۽ سندس ساٿي آئي ڏينهن گهر تي چڙهايون ڪري دٻاءُ وجهن ٿا، ٻچن سوڌو قتل جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون، اهلڪار ۽ سندس ساٿي منهنجي آپگهات جا ذميوار آهن