شاهه محمود پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات بعد فون بند ڪري منظر عام تان غائب

0
346

شاهه محمود پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات بعد فون بند ڪري منظر عام تان غائب

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي

ڪالهه شام شاهه محمود قريشي جڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات لاءِ پهتو ته سندس چهري تي مسڪراهٽ هئي ۽ هُن ميڊيا پڻ ڳالهايو پر جڏهن ملاقات تان واپس پهتو ته شاهه محمود قريشي جو منهن لٿل هو

ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي چيئرمين شاهه محمود قريشي سان ميٽنگ روم ۾ ملاقات نه ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين، قريشي سان وڊيو رڪارڊنگ روم ۾ ملاقات ڪئي

ذريعن موجب شاهه محمود قريشي ڪارڪنن کي رليف ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو ته هزارين ڪارڪنن کي پڪڙيو ويو آهي، انهن جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، پارٽي کي نظام ۾ واپس آڻڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي

ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن لان ۾ واڪ دوران ڪجهه دير ڳالهه ٻولهه به ڪئي پر پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات کانپوءِ شاهه محمود جو موبائيل فون اڃا تائين بند آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جيان سموري ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري