سنڌ جيان سموري ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

0
236
اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي، 8 فئبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي: آصف زرداري
اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي، 8 فئبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي: آصف زرداري

معيشت جي بهتري لاءِ چارٽر آف اڪانومي تي ڳالهين جي ضرورت آهي، پنجاب جا سمورا وڏا بزنس مين گڏجي وڃن ته آئون سيڙپڪاري جي ضمانت ڏيان ٿو

اڳوڻي صدر آصف زرداري جو لاهور ۾ ايف پي سي سي آءِ جي تقريب کي خطاب، آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان اڃا به اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو

سنڌ جيان ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ بسون به انهي پارٽنرشپ تحت هلي رهيون آهن، پاڪستان کي اِن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته ايڪسپورٽ وڌڻ سان مسئلا حل ٿيندا آهن، پرڏيهي سيڙپڪار پئسو لڳائيندو آهي ته پئسو کڻي به ايندو آهي