سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ وارو قدم سنڌ لاءِ غير هاڃيڪار قرار

0
509

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ماهرن ۽ ٽيڪنوڪريٽس سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ واري قدم کي سنڌ لاءِ غير هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو

اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي ۽ ارسا جي اڳوڻي چيئرمين نور محمد بلوچ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ سان سنڌ کي ڪو نقصان نه ٿيندو

هنن ٻڌايو ته سنڌودرياهه کي جنهن سرنگهه مان گذاريو ويندو اها سرنگهه گليشيئر رجڻ جي صورت ۾ سمنڊ بڻجي ويندي

واپڊا اختيارين پاران ديا مير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ هلندڙ سال نومبر ۾ سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

ڀاشا ڊيم جي سائيٽ جو دورو ڪندڙ واپڊا چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه جو رخ ڊائيورجن سسٽم ذريعي موڙيو ويندو

ڊائيورجن سسٽم تحت سنڌو درياهه هڪ ڪلوميٽر ڊگهي سرنگهه ۽ منو ڪلوميٽر ڊگهي ڪينال مان گذرڻ بعد واپس پنهنجي قدرتي لنگهه سان وڃي ملندو

واپڊا چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ داسو پاور پراجيڪٽ مان 4 هزار 320 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي