جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن جي لاءِ چقمق بڻجي ويو

0
340
جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن جي لاءِ چقمق بڻجي ويو
جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن جي لاءِ چقمق بڻجي ويو

جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن جي لاءِ چقمق بڻجي ويو، تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ مسرت جمشيد چيما ۽ جمشيد چيما به جهانگير ترين گروپ ۾ شامل ٿي ويا

ٻنهي اڳواڻن جهانگير ترين سان ملاقات ڪري سندس قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو، ٻئي اڳواڻ جهانگير ترين جي نئين جماعت ۾ شامل ٿي ويندا

جهانگير ترين پاران ٺاهيل نئين جماعت استحڪامِ پاڪستان پارٽي جو اڄ باضابطا اعلان ٿيڻ جا امڪان آهن

گذريل ڏينهن عليم خان جي رهائشگاهه تي جهانگير ترين گروپ ۽ ٻين جي مان ۾ ڏنل ڊنر تقريب دوران نئين پارٽيءَ جو نالو پڌرو ڪيو ويو، فواد چوڌري سميت پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳوڻا اڳواڻ شريڪ ٿيا، ملڪ جي مختلف علائقن مان هڪ سئو کان وڌيڪ سياستدانن شرڪت ڪئي

سنڌ مان پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ علي زيدي، عمران اسماعيل، محمود مولوي ۽ جي پرڪاش جي شرڪت، پنجاب مان مراد راس، فياض چوهاڻ، فرودس عاشق اعواڻ، نعمان لنگڙيال ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا

قبائلي ضلعن مان جي جي جمال ۽ خيبر پختونخواهه مان اجمل وزير به تقريب ۾ شرڪت ڪئي

تقريب ۾ موجود سمورن اڳواڻن جهانگير ترين جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان کي مشڪلات مان ڪڍي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻو آهي

 عون چوڌري چيو ته جهانگير ترين جي پارٽي جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي، اسان جي پارٽي جو نالو استحڪام پاڪستان هوندو

 جهانگير ترين پاران پارٽي جي باضابطا اعلان لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جا امڪان آهي