وفاقي بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ ڪيترو اضافو ٿيندو؟

0
430
وفاقي بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ ڪيترو اضافو ٿيندو؟
وفاقي بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ ڪيترو اضافو ٿيندو؟

اسلام آباد (م ڊ) ايندڙ مالي سال 2023-24 جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ايڊهاڪ الائونس جي مد ۾ 30 سيڪڙو، جڏهن ته پٽيشن ۾ 20 سيڪڙو سميت ميڊيڪل ۽ ڪنوينس  الائونس اضافي جو امڪان آهي

پي اينڊ پينشن ڪميشن حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته سرڪاري ملازمن جي ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ ايڊهاڪ الائونس جي صورت ۾ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي

ناڻي واري وزارت جي ريگيوليشن ونگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جي حوالي سان 3 تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۽ الائونس ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ايڊهاڪ الائونس جي مد ۾ 30 سيڪڙو ۽ بنيادي پگهار جي مد ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ  جو امڪان آهي

هي به پڙهندا

مالي خسارو 6 هزار ارب کان وڌيڪ: دفاعي بجيٽ 1800 ارب رکڻ جي تجويز