مالي خسارو 6 هزار ارب کان وڌيڪ: دفاعي بجيٽ 1800 ارب رکڻ جي تجويز

0
325

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

ذريعن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جا حدف تيار ڪري ورتا آهن، جنهن تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ڊي پي جي 7.7 سيڪڙو مالياتي خساري سان تيار ڪئي وئي آهي، وفاقي ۽ صوبن کي گڏائي 7.1سيڪڙو مالي خساري جي بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي

ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو مالي خسارو هوندو، جڏهن ته 7300 ارب رپيا قرضن ۽ وياج جي ادائيگين تي خرچ ڪيا ويندا

ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رپيا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 430 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر لاءِ 9200 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، نان ٽيڪس روينيو لاءِ 2800 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن