شاهد خان آفريدي 70 ملين ڊالر جا اثاثا رکندڙ ملڪ جو امير ترين ڪرڪيٽر بڻجي ويو

0
209
شاهد خان آفريدي 70 ملين ڊالر جا اثاثا رکندڙ ملڪ جو امير ترين ڪرڪيٽر بڻجي ويو
شاهد خان آفريدي 70 ملين ڊالر جا اثاثا رکندڙ ملڪ جو امير ترين ڪرڪيٽر بڻجي ويو

راچي(اسپورٽس نيوز) شاهد خان آفريدي پاڪستان جو امير ترين ڪرڪيٽر بڻجي ويو سندس اثاثن جو ڪاٿو 70 ملين ڊالر ٻڌايو پيو وڃي

هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪيترائي ڪرڪيٽر پنهنجي راند ۽ مختلف شوز ۽ ماڊلنگ سبب ملينيرز بڻجي ويا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاهد آفريدي جي اثاثن جي ڪل ماليت 47 ملين ڊالر آهي ۽ هو هن وقت پاڪستان جي امير ترين ڪرڪيٽرن ۾ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته شعيب ملڪ جي اثاثن جي ڪل ماليت 25 ملين ڊالر آهي

محمد حفيظ 25 ملين ڊالر جي اثانن جو مالڪ آهي جڏهن ته  اظهر علي جي اثاثن جي ڪل ماليت 15 ملين ڊالر آهي. سعيد انور وٽ پڻ  12 ملين ڊالر جا اثاثا موجود آهن، مصباح الحق جي اثاثن جي ڪل ماليت 9.8 ملين ڊالر آهي

جڏهن ته فواد عالم 06 ملين ڊالر جي اثاثن جو مالڪ آهي. عمر اڪمل جي اثاثن جي ڪل ماليت 4.6 ملين ڊالر آهي ۽ عمر گل جي اثاثن جي ڪل ماليت 2 ملين ڊالر آهي