سپريم ڪورٽ: فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار

0
161

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ڪيس هلائڻ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالتن بدران عام عدالتن ۾ هلايا وڃن

جسٽس اعجازالاحسن چوڌري جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ملٽري ايڪٽ جي سيڪشن ٽُو ون ڊِي جون ٻئي ذيلي شقون آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهن، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي شق 59 چار به غير آئيني قرار

جسٽس يحيٰ آفريدي آرمي ايڪٽ جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت پنهنجي راءِ محفوظ رکي، باقي فيصلو 5 رڪني بينچ جي مڪمل اتفاق راءِ سان ٻڌايو ويو

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته جن 102 ماڻهن جي لسٽ فراهم ڪئي وئي انهن جا ڪيس فوجداري عدالتن ۾ هلايا وڃن، فوجي عدالت ۾ ڪنهن شهريءَ جو ٽرائل ٿيو آهي ته ان کي ڪالعدم سمجهيو وڃي

اٽارني جنرل عثمان منصور دليلن دوران انڪشاف ڪيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث سولينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل شروع ٿي چڪو آهي، عدالت اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪجهه دير لاءِ محفوظ ڪرڻ بعد فيصلو ٻڌايو

هي به پڙهندا

سياسي جماعتون سنڌ ۾ موجود غير قانوني پرڏيهين جي سرپرستي نه ڪن: حارث نواز