شاندار ماضي جا وڃايل پل

0
229
دهشتگردن جي نشاني تي آيل حڪمران جماعتون

  وقت ڪڏھن هڪ جاءِ تي ٽڪ ھڻي نه بيٺو. ماضي زندگي جو اهو حصو آھي جنهن ۾ پل پل وڌارو ٿيندو پيو وڃي. اڄ اسين لفظ “سڀاڻي“  استعمال ته ڪندا آھيون پر زندگي ۾ “سڀاڻي” ايندو ئي ناهي. سڀاڻي جي تلاش ۾ انسان “اڄ ” کي “ڪالھھ” ۾ وڃائي ويهي ٿو. اڄ کي بهتر انداز سان گذارڻ شاندار ماضي ۽  ڪامياب مستقبل جي نشاني آھي.

                  ڪو وقت هو ڪکائن جهوپڙين ۾ نرم مزاج منش زندگي جي فڪرات کان بي فڪر ٿي پرسڪون گهڙيون گهاريندا هئا. ڪچن گهرن ۾ سچا ۽ ايمان جا پڪا انسان رهندا هئا. دوکو دولاب ۽ دغا مهڻو سمجهيو ويندو هو. واعدن جي پاسداري لاءِ جان جوکي ۾ وجهڻ تي فخر محسوس ڪبو هو. ياريون سوچي سمجهي نسل ۽ ڪردار کي ڏسي لائبيون هيون. اهي ياريون وري نسلن تائين هلنديون هيون خوشين ۾ شرڪت لاءِ هفتن جا هفتا مٽ مائٽ برادري توڙي ويجها دوست ٻارن ٻچن سميت اڳ اچي گڏ ٿيندا هئا. خوب خوشيون ملهايون وينديون هيون رات جو ٿالھھ جي رڌم تي سهرا لاڏا ڳايا ويندا ۽ نغاري جي ڏونڪي تي گول دائرو ٺاهي ڪڏهن ٻه تاڙي ته ڪڏهن وري چيڻو هڻي خوشي جو اظھار ڪيو ويندو هو. غمن جي سنيهن تي روئندي رڙندي ڊوڙون پائي اچي شامل ٿيندا هئا.

 ڪو وقت هو هر طرف فطري سونهن جا ڏيک ڏسڻ ۾ ايندا هئا.گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ واهن جي ڪپن يا اوتارن تي منڊليون مچيل ھونديون هيون، گرم ڏينهن جو وڻن هيٺان ڪچھري جا دور لڳا پيا هوندا هئا ته سرد ڏينهن ۾ وري باھه جو پاسو وٺي هر ڪو پنهنجا ڏک سک سيني ۾ سانڍي  سنگت سان رهاڻ ڪندو هو. فصلن جي پچر کان وٺي پيچيده مسئلن تي خوب ڪچھري ڪري انهن جو حل ڳولبو هو. ٽھڪن جي مڌر موسيقي جا ساز ڇڙيل هوندا هئا. سنگت ۾ ويٺل يارن جي گهران ماني سان ڳڙ لسي مکڻ توڙي ڌونري جو وٽو ڀريل ايندو هو ورلي ڪنهن جي گهران ڪو پڪل ٻوڙ اچي نه ته رکي ماني به غنيمت ليکي ويندي هئي. مجال آھي جو ڪو ماني ۾ عيب ڪڍي  جي پٽ تي ماني ٽڪر ڪريل ڏسجي ته کڻي صاف ڪري اکين تي لائي کائي ڇڏين  يا ڪنهن مٿاهين جاءِ تي ادب و احترام سان رکي ڇڏين .

 سڄو ڏينهن ٻنين ۾ ڪم ڪار ڪري رات جو ڳوٺ جي وڏي اوطاق تي سڀ گڏبا هئا ڪو نه ڪو بيت ڏور ڏهيڙو مولود ڪلام ڳجهارت توڙي سينگار پڙھي من جي مرجهايل گلشن کي خوشي جو پاڻي ڏيئي مهڪائيندو هو. ڪٿي ڪي لوڪ گيت، شاھه، سچل، سامي ڳائي محفل ۾ موجود منجهيل مورن جي مک تي مسڪراهٽ جو رقص ڪرائيندا هئا. اونهاري جو جڏهن دير سان ڏکڻ گهلي  ته هر ڪو آھستي آھستي مچيل منڊلي کان کسڪندو وڃي آرام جي جهول ۾ سڪون سان سمهي پئي . سياري جو هڪ وڏو بنڊ ٻاري محفل جو خوب مزو ورتو ويندو هو.

   جڏهن اسر ويل پکي مٺي لات لون  تڏهن ٻاجهاري ڌڻي کي ٻاڏائيندي ساجد اٿي سجدا ڪن  ۽ گوديون کير ڇاڊيون ڏهين لسي ولوڙڻڻ ۾ مصروف ٿي وڃن.  سج نڪرڻ کان اڳ جهوجهو جو اهڙو ته مٺڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو جو روح کي راحت اچي ويندي هئي. پاڙي جا ٻار  لسي وٺڻ لاءِ قطار ٺاهي ڀاڳين جي گهرن جو رخ ڪندا هئا. ماسي امان ادي لاءِ دڪو چئي پئي جا آواز به ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ماسي منهن کي گهنڊ ڏيڻ کان سواءِ لسي سان گڏ مکڻ جو روڙو به لوٽ ۾ وجهي امان لاءِ سلام به موڪليندي هئي. هاري زمين جي سيني کي چيري سونا سنگ اپائڻ لاءِ هر کڻي سوير ڏاندن کي هڪلي هلندا هئا.

  ڌنار مال ڪاهي چنگ توڙي بانسري کڻي رستي ۾ لوليون چوندي چراگاهن جو رخ ڪندا هئا. ڪي ٻار سوير قرآن پڙھڻ لاءِ مسجد جو رخ ڪندا هئا ته ڪي وري اسڪول جو گس وٺي علم جي روشني سان پاڻ کي منور ڪرڻ لاءِ اسڪول ويندا هئا. سوير گهر جو ڪم ڪار لاهي ڪي ڪونجڙيون يا پدمڻيون هٿن ۾ پنهنجي پنهنجي هنر جا اوزار کڻي ڪم ۾ جنبي وينديون هيون. سگهڙ سياڻيون ٽوپيون توڙي گهگها ٺاهڻ سان گڏ کٽ سان ٻڌل پوتي جي پينگهي ۾ ٻچن کي لوليون ڏيئي سمهارينديون هيون. سرتيون اڱڻ جي وڏي وڻ جي هڪ پاسي رسي جي پينگھھ ٻڌي پيون جهوٽنديون هيون. ڪٿي وري واهن ۽ شاخن جي ڪپن تي ڇوڪرا به پينگھھ ٻڌي لڏندا هئا ۽ ڊوڙي يا وڻ تي چڙھي  پاڻي ۾ ٽپا ڏيئي تڙ ڪندا هئا. ٽپهري جو مال واپس وٿاڻن ڏانهن ورائي کلندا ڪڏندا وري ورندا هئا.

  شادي مراد عيد برات يا ٻين خوشي جي موقعن تي ڏاندن  يا گهوڙن جي ڊوڙ ٿيندي هئي ڪٿي وري ڪوڏي ڪوڏي يا ملھھ جا رانديگر پنهنجي طاقتور جسم جو هنر ڏيکاريندا هئا. پري پري کان لوڪ ڪهي اچي زندگي جي هر پل کي يادگار بڻائيندا هئا هر داءَ تي خوب داد ڏنو ويندو هو.تاڙين جي گونج سان گڏ واهھ واهھ  جون صدائون به بلند ٿينديون هيون انعام ۽ شاباسي به ڏني ويندي هئي.

  ڪو مهمان لڙي اچي ته ان کي رب جي رحمت تصور ڪيو ويندو هو ميزبان پنهنجي حيثيت مطابق سندن خدمت چاڪري ۾ وسان ڪين گهٽائيندو هو. ڪٿي ٻڪر دنبو يا ديسي مرغي ڪهي سندن مهماني جهلي ويندي هئي ته ڪٿي وري ديسي گيھھ بسري مکڻ لسي سان کين سير ڪرايو ويندو هو. رات جو وري خوب ڪچھري ڪري ذاتي ڏکن سکن سميت سڄي  علائقي جا حال احوال اوربا هئا. دير سان جڏهن مهمان ٿڪي پئي  تڏهن کين آرام ڪرائبو هو.  ڪٿي ٽڪريلي رلي ته ڪٿي وري پلال جو بستر يا ڪنهن منھھ تي قرب مان مهمان کي سمهاريو ويندو هو ۽ ڀر ۾ ميزبان به سمهي پوندو هو.

   مذھبي ڏينهن بغير ڪنهن فقهي فرق جي گڏجي ملهايا ويندا هئا. محرم ۾ ننگر ۽ سبيل جو اهتمام هندو مسلم گڏجي ڪندا هئا ته وري ميلاد به گڏجي ملهايو ويندو هو نطرياتي اختلافن تي سسيون نه ڪپيون وينديون هيون بم نه ڦاڙيا ويندا هئا. ڪنڀر لوهار موچي حجم واڍي مطلب ته هر هنرمند سان تعلق تي فخرمحسوس ڪبو هو. عيد ويجهو اچي  ته نياڻين کي عيد پهچائڻ لاءِ گهر جو ڪو نه ڪو ڀاتي نياڻين جي گهرن عيدي ڏيئي اچي. وقت گذرڻ سان ڳوٺاڻي زندگي به آخري پساهن ۾ آ. هر ڪو پنهنجي پاڻ ۾ محو ٿي ويو آھي. ڳوٺن ۾ به جديد سهولتون پهچڻ ڪري يسڪانيت يا تنهائي جو واڌارو ٿيندو پيو وڃي.

    اڄ جي جديد دور کي ڏسجي ته ويجهي ماضي جا اهي سڀ  قصا ڪنهن ڏندڪٿا کان گهٽ نه لڳندا ڇو ته هن جديد دور ۾ جهوپڙين جي جاءِ تي پڪن سرن جا ڪمرا اچي ويا ڪچن گهرن جي جاءِ تي بهترين پر آسائش بنگلا اچي ويا. ديسي خالص شين بدران ملاوٽ واريون شيون ۽ پڪل بازاري طعام اچي ويا. دوستيون نسلن بجاءِ فردن تائين محدود ٿي ويون. خوشين ۾ صرف ماني کائڻ مھل پهچڻ جو رواج پئجي ويو آھي. اڳ نسل ڏسي تعلق جوڙبا هئا هاڻي فرد واحد جي شخصي حيثيت ڏسي دوستيون رکيون وڃن ٿيون.

  انساني ترقي ڪري اڄ موسمن جي مٽجڻ جو احساس ختم ٿي ويو آھي. سياري جو گرم هيٽر ٻاري ڪمرو گرم رکيو وڃي ٿو ته اونهاري ۾ ايئر ڪنڊيشن هلائي سيءَ محسوس ڪرڻ ڪا وڏي ڳالھھ ناهي. سهولتن جي اڻھوند اڳ به هئي پر سهولتون اڄ به مخصوص طبقي کانسواءِ عام ماڻھو لاءِ ناهن. زميني فاصلا ڏينهن کان گهٽجي ڪلاڪن تي اچي ويا آھن پر دلين جا فاصلا تمام گهڻا وڌي ويا آھن. نياز نوڙت اڄ به آھي پر اها خوشامد جي ليکي ۾ ليکي وڃي ٿي. احساس ۽ خيرات اڄ به آھي صرف ڏيکاءُ لاءِآ ھي. موجوده حالتن جي سنگيني کي ڏسندي فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته واقعي ڪو وقت هو اڳ انسان احساس سان زنده هئا هاڻي انسان مفادن ڪاڻ زنده آھي. شاندار ماضي جا خوبصورت لمحا آھستي آھستي ختم ٿيندا پيا وڃن.