ٻوڏ متاثر عورتون

0
549
ٻوڏ متاثر عورتون

 ماحولياتي تبديلين جي ڪري دنيا جا ڪيترائي غريب ملڪ مختلف قسمن جي آفتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھن سال جي غيرمعمولي برساتن  سڄي سنڌ ۾ بدترين صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. 2010ع جي ٻوڏ جي مقابلي ۾ ھن تباھي جو انگ تمام وڏو آھي. لکين ماڻھو ڪجھھ ڏينھن اندر روڊن تي اچي ويا. لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھھ ٿيو، لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري چڪو آھي ۽ اھو سلسلو جاري آھي. مسلسل برساتن جي ڪري ڪچا ڪکاوان گھر مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آھن. ھر طرف آھون ڪوڪون ۽ آليون اکيون پنھنجن اجڙيل اجھن کي ياد پيون ڪن. اھڙي خطرناڪ صورتحال ۾ عورتون وڌيڪ مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيون آھن. ڪافي ادارا ھن ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ متاثر ماڻھن تائين پھتا آھن پر سندن ڪم ۾ صنفي حساسيت تمام گھٽ نظر اچي ٿي. امداد ڏيڻ وارن ادارن کي اھو نھ وسارڻ گھرجي تھ عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر آھن، سندن بنيادي ضرورتون جھڙوڪ ماھواري لاءِ صاف ڪپڙا، سينيٽري پيڊ، انڊرگارمينٽ، صابڻ  وغيرھھ جهڙو ضروري سامان به ورهائڻ جي ضرورت آهي. امدادي سرگرمين ۾ رڌل ادارن کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته ٻوڏ يا وري ڪنھن آفت دوران عورتن جي ماھواري رڪجندي ناھي.

صحت کاتي جي وزير هڪ بيان ۾ چيو ته هزارين عورتون حمل سان آھن، هي انگ اکر صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي وٽ رجسٽر ڪئمپن ۾ رهيل عورتن جا آهن پر هزارين عورتون ڪئمپن کان ٻاهر روڊن تي بي يارومددگار ويٺل آهن  جن کي پڻ ڊليوري جي سامان جي ضرورت آهي. غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سرڪاري ادارن کي ڪئمپس ۽ روڊن تي ويٺل عورتن جي ضرورتن جو بنيادي جائزو وٺي انھن کي اھو سامان مهيا ڪرڻ ۽ تربيت يافته دائين يا نرسن جو بندوبست ڪرڻ گھرجي ته جيئن عورتن ۽ ٻارن جون زندگيون بچائي سگهجن. اين جي اوز ۽ حڪومت کي گهرجي ته پنھنجي ورڪرن کي آفتن دوران عورتن جا بنيادي مسئلا ۽ صنفي حساسيت تي تربيت ڪرائي پوءِ متاثر علائقن ڏانھن اماڻين تھ جيئن عورتن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين کي سمجھي ۽ انھن کي  روڪڻ  لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪري ھن مصيبت ۾ عورتن کي وڌيڪ تذليل کان بچائي سگھجي. دنيا ۾ جتي بھ آفتون آيون آھن انھن تجربن اهو ظاهر ڪيو آھي تھ اڪثر امدادي ڪم ڪندڙ ورڪر بھ عورتن جو استحصال ڪندا آھن. کاڌ خوراڪ جي بدلي عورتن کي جنسي لاڳاپا رکڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آھي ۽ مجبور عورتون پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ جنسي حراسمينٽ به سهنديون آهن. اهڙي قسم جا واقعا روڊن تي يا وري ڪئمپن ۾ روز ٿيندا آهن پرامدادي ڪمن ۾ رڌل ماڻهو عورتن جي انهن بنيادي مسئلن بابت آگاهي نه رکندا آهن. جنهن جي ڪري عورتن سان ناانصافين جو سلسلو بند ٿي نه سگهندو آهي. اسان سڀني کي امدادي سرگرمين ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ ڪجھھ قاعدا ۽ ضابطا واضح ڪرڻا پوندا. مختلف عالمي ادارن پاران آفتن دوران ڪم ڪرڻ جا قائدا ۽ ضابطا مرتب ٿيل آهن، جن کي پنهنجي ضرورت پٽاندراستعمال ڪري عورتن کي جنسي حراسمينٽ کان بچائي سگهجي ٿو. انھي کان علاوھ اھي ادارا جيڪي صنفي بنياد تي ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ جو ڪم ڪن ٿا انھن سان لھھ وچڙ ڪرڻي پوندي تـ جيئن عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين کي روڪي سگھجي. عورتن کي ھن وقت صاف پاڻي،محفوظ پورٽيبل واش رومز ۽ ليٽرين جي ضرورت به آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪلچر ۾ عورتون پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ چارديواري وارا واش روم استعمال ڪنديون آهن. پراڪثر اين جي اوز ۽ سرڪاري ادارن جو راشن ورهائڻ تي گهڻو ڌيان آهي. اھي عورتون جيڪي پنھنجي ٻارن کي ٿڃ پيارين ٿيون اھي ڪيڏانھن وڃن.ڪابه محفوظ جاءِ نه هجڻ ڪري عورتون تمام گهڻي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن.  ھيڏي وڏي سانحي کانپوءِ ڪيتريون ئي عورتون ذھني دٻاءَ جو شڪار آھن انھن لاءِ  نفسياتي صورتحال کي منھن ڏيڻ ۽ دٻاءَ مان ٻاھر ڪڍڻ جي ضرورت آھي. آفتن دوران صنفي بنياد تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي ڪوششون وٺڻيون پونديون.سرڪاري ادارن ۾ به عورتن جو انگ نه هئڻ برابر آهي جنهن ڪري امدادي ڪمن ۾  عورتن جون بنيادي ضرورتون نظرانداز ٿين ٿيون. اسان متاثر عورتن کي غيرفعال فرد سمجهي امدادي ڪمن ۾ شامل به نه ڪندا آهيون. حالانڪه امدادي سرگرمين ۾ متاثر عورتن کي شامل ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي تھ جيئن اھي ھن سڄي امدادي ڪم ۾ سرگرم ڪارڪن ٿي اڳتي اچن. امدادي ڪمن جي اڳواڻي ڪن، پنھنجا رايا ۽ مشورا ڏئي امداي ڪمن کي موثر بڻائڻ ۾ حصو ملائي سگھن. جيڪي عورتون گھر جو سڄو نظام ھلائي سگھن ٿيون اھي ڪئمپون بھ ھلائي سگھن ٿيون. راشن ورھائي سگھن ٿيون، ناانصافي ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجو آواز بلند ڪري سگهن ٿيون ۽ ادارن جي جوابدهي به ڪري سگهن ٿيون.