وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ليڪس اتفاق يا منصوبو؟

0
163
وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ليڪس اتفاق يا منصوبو؟

 جڏهن ٻار هوندا هئاسين ته وڏڙن جي واتان سندن ماضي جا قصا ٻڌي تجسس ۾ وٺجي ويندا هئاسين ته اسان جي وڏڙن جي دنيا ڪيڏي نه سٺي ۽ شفاف هئي. پر جڏهن وڏا ٿياسين، ڳوٺن کان شهرن ڏانهن آياسين، يونيورسٽين ۾ پڙهاسين، دنيا جهان گهمياسين ته اسان جو صرف وات گودو نه ٿيو پر هڪ اهڙو احساس پيدا ٿيو جنهن اسان کي هن ڳالهه تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو ته اسان جي وڏڙن پنهنجو ته نقصان ڪيو ئي پر پنهنجي اولاد جي پيرن تي ڪهاڙا به وهائي ڇڏيا يعني اسان اهي ڳوٺاڻا به نه رهياسين جيڪي وفاداري خاطر پنهنجا سر قربان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ نه وري اهڙا شاطر شهري بڻجي سگهياسين جيڪي پنهنجي معمولي مفاد خاطر ھيڏي ھوڏي ناهن ٿيندا. اسان جا وڏا اسان سان سائنسي ايجادن جهڙوڪ ريڊيو جو ذڪر ڪندا هئا ته اسان سندن جي سادگي تي ٽهڪ ڏيندا هئاسين. سوچيندا هئاسين ته ريڊيي ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه هئي جيڪا هنن  کي حيران ڪندي هئي پر اسان اھا  ڳالهه وساري ويھندا هئاسين ته اسان جا وڏڙا نه صرف سچا، کرا ۽ آڻين ۽ چاڙهين واري زندگي گذاريندڙ هئا پر جيڪڏهن سندن علائقي ۾ ڪي اسڪول به هوندا هئا ته اهي انهن کان پنهنجي ثقافتي مجبوري سبب پري رهيا ۽ ريڊيو ته ڇا هنن کي هر اها سائنسي ايجاد عجيب ۽ بري لڳي جيڪا سندن اولاد جي وقت پٽاندڙ ضرورت هئي جيئن ڪيلڪيوليٽر وغير. نه صرف ايترو پر هر سائنسي ايجاد جيڪا حقيقت ۾ سهولت هئي ۽ آهي انهن جي استعمال کي مذهبي طور تي گناهه سمجهندي انهن کي گهرن ۾ آڻڻ تي سدائين ڏمريل رهيا جيئن ٽي وي.

ان جو نتيجو هي نڪتو ته سندن  اهڙي ڪٽر سوچ جي ڪري اسان جا وڏا نه صرف پاڻ اوندهه ۾ رهيا پر پنهنجي اولاد جي زندگين ۾ رڪاوٽون آڻڻ جو مک سبب به رهيا. سائنس هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کا انڪار ڪرڻ جو سڌو سنئون مطلب پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻڻ آهي. چڱي طرح سان ياد آهي ته ضياءُالحق جي مارشل لا واري دور ۾ جڏهن وي سي آر تي پابندي صرف انهيءَ ڪري لڳائي وئي ته ان تي غيرقانوني طور تي ڀارتي فلمون هلايون وڃن ٿيون يا اها اسلام مخالف ڪرت جو سبب بڻجي ٿي. بعد ۾ ضياءُالحق فلمن جي تياري کي غيراسلامي ڪرت چئي پاڪستاني فلمي صنعت جو ٻيڙو اهڙو ته ٻوڙي ڇڏيو جو چاليهه سال گذرڻ جي باوجود به اها صنعت هن وقت تائين ساهه کڻڻ جي قابل به ناهي ٿي سگهي. هنن پابندين جو نتيجو هي نڪتو ته هڪ طرف ملڪ مان  سينيمائون غائب ٿيڻ لڳيون ۽ انهن کي مالڪن پاران ڊاهي پٽ ڪرڻ بعد شهرن ۾ فليٽن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ تبديل ڪيو ويو ته ٻئي طرف وي سي آر تي پابندي ڇا لڳي گهر گهر وي سي آر عام ٿي وئي ۽ ڀارتي فلمن جي نمائش خوب ٿيڻ لڳي. پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڊيو شاپس کلي ويا جن تي دبئي جي رستي پاڪستان ايندڙ ڀارتي فلمن جون وڊيو ڪيسٽون عام جام ملڻ لڳيون. اهڙي طرح ضياءُالحق پاران هر ان ڪرت ۽ سائنسي ايجاد تي پابندي وڌي وئي جيڪا هن کي غيراسلامي لڳي. لاهور جي ڳاڙهي بازار (هيرا منڊي) جيڪا پاڪستاني فلمي صنعت کي بهترين ۽ خوبصورت هيروئنون ڏيڻ جو مک ذريعو هئي ان تي هن پاران اھو چئي پابندي لڳائي وئي ته هڪ ته اهو ڪم اسلام ۾ ناپسنديدھ عمل آهي ٻيو هن ڌنڌي جي ذريعي مال ڪمائڻ حرام ۽ ناجائز آهي

بقول هن جي ته اتي شريف خاندانن جا ٻار وڃي پنهنجو ڏوڪڙ پيسو زيان ڪن ٿا. هن پابندي جو الٽو اثر هي ٿيو ته گهر گهر مجرا ٿيڻ لڳا. اهڙي طرح هن پاران تعليمي پاليسين جي ذريعي اسلامي تعليم کي نصابن ۾ شامل ڪرڻ ۽ تعليم مان اهڙن مامرن کي خارج ڪرڻ جنهن جو ذري برابر به سائنس جي دنيا يعني تحقيق ۽ جديد معاشرت سان واسطو هو. هن پاران ملڪي معاشيات کي جهڙي طرح سان اسلامي بڻايو ويو ان جو نتيجو اهوئي نڪرڻو هو جيڪو اڄ اسان جي سامهون آهي. ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ويو، بي روزگاري عام ٿي وئي ماڻهن پاران به قرض کڻي پنهنجي زندگي جا گاڏا ڌڪيا ته ويا پر ملڪ ۾ وياج جو ڪاروبار جڙ پختي ڪري ويو. اڳ ۾ صرف پٺاڻ وياجي طور مشهور هئا پر هاڻي سڄي سنڌ اسان کي وياجين سان ڀريل ملي ٿي. وياجين پاران عوام سان ڪهڙيون ويڌنون ڪيون وڃن ٿيون اخبارن جا صفحا اهڙين خبرن سان ڀريا پيا آهن. ضياءُالحق جي ڪهڙن ڪهڙن ڪارنامن جي ڳالهه ڪجي ملڪ کي اولهه جي ڀيڄي ويڙهه (پراڪسي وار) ۾، افغان انقلاب جي آڙ وٺي اهڙو ته ڦاسايو ويو جو اڄ ڏينهن تائين ان ڀيڄي ويڙهه جي نتيجي ۾ برپا ٿيندڙ دهشتگردي سان گڏ انساني الميا کٽڻ جو نالو نٿا وٺن. اڃان به اڳتي هلون ته معلوم ٿئي ٿو ته هو ملڪ ۾ صرف ذوالفقار علي ڀٽو سان ذاتي عناد سبب پيپلز پارٽي مخالف سياست پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايترو ته اڳتي نڪري آيو جو سياست ۾ گروهه بندي، مفاد پرستي ۽ موقعي پرستي سان گڏ آرام سان بدعنواني ڪرڻ هڪ ضرورت بڻجي وئي. هن پاران لنڊن جي هڪ پاڪستاني بينڪر جي وسيلي سياستدانن ۾ جام پيسا ورهايا ويا ۽ هڪ ڀٽي مخالف پارٽي بنام پاڪستان مسلم ليگ جيڪا بعد ۾ جوڻيجو ليگ، نون ليگ، ڪيو ليگ ۽ آل جي نالن جي شڪلن ۾ مختلف گروهن ۾ ورهائجي وئي جن مان هن وقت به هن پارٽي جا ٽي مک گروهه نون، ڪيو ۽ آل وجود رکن ٿا ۽ سياست ڪرڻ جي لاءِ نيوٽرل سان بارگيننگ (ساز باز) ڪن ٿا. سچ چيو اٿن ته وقت وڏو استاد آهي. 1999ع ڌاري هڪ ٻيو فوجي آمر، جنرل پرويز مشرف اقتدار لاءِ پڌاري آيو ۽ ان ضياءُالحق جي بلڪل الٽ شڪل وارو نظام آندو.

يعني ضياءُالحق پاران پابنديون هيون ٿئي ويون ته هن پاران اهڙي ڪابه حرڪت ڪانه ڪئي وئي. پرويز مشرف جي دور ۾، اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پنهنجا پير رکڻ جا موقعا مليا، موبائل ٽيليفون صنعت آئي، انٽرنيٽ عام ٿي ويو ۽ هزارن جي تعداد ۾، ميڊيا هائوس کلي ويا جن وري پنهنجا چينل آندا ۽ انهن مان ڪن نيوٽرل جي لاءِ، ته ڪن وري حڪومتي ڌر بڻجي خوب ناڻو ڪمايو. هن وقت ملڪ ۾ ڏيڍ سئو کان مٿي نيوز چينل آهن، هن انگ کان مٿي تفريحي چينل ۽ پي ٽي وي تي صرف 20 منٽ روزانو جي بنياد تي سنڌي پروگرام جي عيوض هاڻي سنڌي زبان جا پنهنجا 7/24 نَوَ چينل جن ۾ نيوز ۽ تفريحي ٻئي اچي وڃن ٿا پر الائي ڇو هن ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو ته، سياست ۽ ملڪ سان جهڙو حشر ضياءُالحق پاران ڪيو ويو هو بلڪل اهڙو ئي حشر جنرل پرويز مشرف جي آزاد پاليسين سبب ٿيو، هر هنڌ تي معياري ڪم جي کوٽ نظر اچي رهي آهي. اسان وٽ هن وقت تعليم کان وٺي تفريح تائين ۽ تفريح کان وٺي خابرو  چينلن تائين هر شيءَ وافر مقدار ۾ موجود ته آهي پر ان مان فائدو گهٽ ۽ نقصان ججهو ٿي رهيو آهي. پروگرامن جي معيار کان وٺي ٻولي جي استعمال تائين اسان کي ڪابه اهڙي شيءَ نظر نٿي اچي جنهن کي دنيا سان ئي نه صحيح پر گهٽ ۾ گهٽ پي ٽي وي جي معيار جهڙو ئي چئي سگهون. رسائي ايتري آسان آهي جو جيڪا شيءَ ماضي ۾ توڙي جو ملڻ ناممڪن ته ڪونه هئي

پر مشڪل ضرور هئي. وي سي آر تي ڀارتي فلمن کي ڏسڻ جو مثال ئي وٺو. اسان وي سي آر کي لڪائي کڻي ايندا هئاسين ۽ اها صحيح سلامت پهچائڻ بعد وري ڪيسٽون لڪائي کڻي ايندا هئاسين. هاڻي هر شيءَ هڪ آڱر جي اشاري جي محتاج آهي. ڪتابن تي جيڪڏهن پابندي لڳل آهي ته اهي انٽرنيٽ تي پي ڊي ايف (پورٽ ايبل ڊاڪيومنٽ فارميٽ) جي شڪل ۾ موجود آهن جن کي آرام سان کڻي ۽ پڙهي سگهجي ٿو. پابندي مڙهيل فلمون هجن يا ادبي مواد، تنظيمن جون ويب سائيٽون هجن يا اعتراض جوڳيون حرڪتون، اسان جون حڪومتون ڪجهه به ڪن پر انهن سڀني لاءِ آرام سان رسائي ملي وڃي ٿي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ايئن ڇو آهي جو باوجود سرڪاري پابندين جي اسان کي هر شيءَ آرام سان ملي وڃي ٿي. جواب آهي ٽيڪنالاجي. ٽيڪنالاجي جي لفظي معنى جيڪا انگلش لٽريچر ۾ ڏنل آهي اها هي آهي ته “جديد اوزارن جي مدد سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو نالو ٽيڪنالاجي آهي.” ضياءُالحق پابنديون لاڳو ڪرڻ جي لاءِ نه صرف قانون مضبوط ڪيا پر انهن قانون جي عمل درآمد کي به يقيني بڻايو پر پوءِ ٽيڪنالاجي هن جي قانونن کي بي اثر ڪري ڇڏيو. پر ويز مشرف مادر پدر آزادي ته ڏئي ڇڏي پر ان جو نتيجو معاشري ۾ ڇڙواڳي عام ٿي وئي آهي. محترما بينظير ڀٽو کان وٺي نواز شريف يا عمران خان ۽ هاڻي شهباز شريف تائين سڀ پريشان آهن ته شيون سندن  ضابطي ۾ ناهن رهيون ۽ انهن تي پنهنجي گرفت کي ڪيئن مضبوط رکجي پر سڀ جا سڀ حڪمران ناڪام ۽ نامراد بڻجي ويا آهن. مٿي لکي آيو آهيان ته “وقت وڏو استاد آهي” پر هاڻي ٽيڪنولاجي وڏي استاد نه صرف بڻجي وئي آهي پر ثابت به ٿي چڪو آهي ته “ٽيڪنالاجي واقعي وڏي استاد آهي.”

هن وقت ملڪ ۾ وزيرِاعظم هائوس مان 340 ڪلاڪن جي رازداري ڊيٽا ليڪ جي معاملن تي تمام وڏو بحث جاري آهي پر ڊيٽا ۾ اهڙو ڪجهه ناهي جيڪو هن ملڪ يا موجوده اتحادي حڪومت جي لاءِ مسئلو بڻجي خطرو بڻجي سگهي. پر ايترو سو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته اسان وٽ هر شيءَ چاهي پوءِ اهو مذهب هجي يا ٽيڪنالاجي ان جو غلط استعمال اسان ڄڻ پنهنجو بنيادي حق سمجهي ڪيون ٿا ۽ اسان جي ان سڄي عمل پويان اسان قومي سياسي پارٽين جي ان تربيت جو به وڏو عمل دخل آهي جنهن تربيت جو مظاهرو پي ٽي آئي جي حامين پاران لنڊن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير مريم اورنگزيب  سان پيش آيل واقعي جي صورت ۾ اسان کي نظر آيو. سو ڳالهه کي کٽايون ٿا ته پابندي ڪنهن به مسئلي جو حل نه پر مسئلا پيدا ڪندڙ هوندي آهي. تربيت جيڪا اسان سڀني جي وس ۾ آهي جڏهن ان تي ئي صحيح ڌيان نه ڏينداسين ته اها اسان جي لاءِ ڪنهن وڏي مصيبت کي کڻي اچڻ جو سبب ضرور بڻجندي. باقي جيتري قدر ٽيڪنالاجي جو تعلق آهي ته ان تي پابندي لڳي ئي نٿي سگهي پر تربيت جي وسيلي ان جي صحيح ۽ غلط استعمال يا امڪاني نقصان ۽ فائدي کي پنهنجي وس ۾ آڻي سگهجي ٿو. عمران خان يا فواد خان ڀلي چئي ته هي ڊيٽا ليڪس ملڪي سلامتي جي ڪمزوري کي وائکو ڪري ٿي پر هتي سوال هي به پيدا ٿئي ٿو ڊيٽا ليڪس ڪنهن جو منصوبو به ته ٿي سگهي ٿو ته جيئن حڪومت وقت کي هي پيغام ڏجي ته گهڻو هوشيار ٿيڻ جي ضرورت ناهي توهان جي واڳ جون ڏرويون اسان جي ئي هٿ وس آهن.