شادي لارج (ن پ ا) سوشل ورڪر فورم جي اڳواڻ ارشاد علي لنڊ پاران مختيارڪار ڪلوئي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مٺي ۾ ڪوٺايل کلي ڪچهري ۾ جيالي رمضان کي مختيارڪار ڪلوئي خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو، هن چيو ته پ پ پ ٿر قيادت ٻڌائي ته ڪهڙي مجبوري جي ڪري هو مختيارڪار ڪلوئي خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري، 2 سالن کان مختيارڪار هڪ ڏينهن به ڊيوٽي نه ڪئي آهي، هن چيو ته مٺي ۾ کليل ڪچهري دوران مختيارڪار خلاف احتجاج ڪرڻ تي رمضان لنڊ کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ مذمت جوڳو عمل آهي.