سکر(بيورو رپورٽ) صالح پٽ جي رھواسين ضمر احمد کورکاڻي، صدام حسين، اخلاق احمد، شفيع محمد، عمران ۽ ٻين سکر پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيو آھي ته ڳوٺ شھباز ڏنو ديھه سونھارو ۾ سندن 175 ايڪڙ زرعي زمين جو پاڻي سال 2013ع کان بنا جواز بند ڪيو ويو آهي، لاڳاپيل اختيارين ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر ڪو تدارڪ ناھي ٿيو. ھنن مطالبو ڪيو ته کين فوري طور زرعي پاڻي فراهم ڪري معاشي بدحاليءَ کان بچايو وڃي.