شادي جي خوشي ۾ گهوٽ جو انوکو رقص، ڄاڃي حيران

0
357

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) شادي جي خوشي ۾ گهوٽ جو انوکو رقص، ڄاڃي حيران ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ شادي تقريب دوران گهوٽ اوچتو ڪنوار وٽان اٿي نچڻ لڳو، رسمن دوران ڪنوارکي ڇڏي رقص ڪرڻ تي ڄاڃي حيران ٿي ويا جڏهن ته گهوٽ لاڳيتو اڌ ڪلاڪ تائين انوکي انداز ۾ رقص ڪندو رهيو جنهن سبب شادي تقريب ۾ آيل مهمان خوب لطف ماڻيندا رهيا. نوجوان گهوٽ جي ان انوکي انداز ۾ رقص ڪرڻ جي وديو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيووائرل ٿيڻ بعد صارفين دلچسپ تبصرا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته گهوٽ جي پڻ واهه واهه ٿي وئي آهي.