ڪاري ٻلي نوجوان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

0
324

سيول(دلچسپ نيوز) ڪاري ٻلي نوجوان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ نوجوان پاران انوکي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ ڪاري ٻلي کي گهر جي گهنٽي وڄائيندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته اها ٻلي گهر اندر مختلف هنڌن کان داخل ٿيندي به ڏسي سگهجي ٿي. ان حوالي سان نوجوان جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۾ 20 ڀيرا اها ٻلي مختلف هنڌن تان گهر ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ شين جو ستياس ناس ڪري ڇڏيندي آهي. هن ٻڌيو ته گهر جي گهنٽي وڄائڻ بعد چاڙهين تي چڙهي ڀڄي ويندي آهي جڏهن آئون دروازو کوليندو آهيان ته اها مون کي ڇت تي نظر ايندي آهي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين دلچسپ جملا لکيا آهن جڏهن ته ڪجهه صارفين نوجوان سان ڏک جو پڻ اظهار ڪيو آهي.