سھيل سيال جي گھر اڳيان ڌرڻي لاء ريلي ڪڍي ته رستا بند ڪيا ويا: سنڌ آبادگار اڳواڻ

0
178

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ قمبر شھدادڪوٽ جي اڳواڻن پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سھيل سيال جي گھر اڳيان ڌرڻي لاء احتجاجي ريلي ڪڍي ته رستا بند ڪيا ويا آهن، اسان کان چارٽر آف ڊمانڊ ورتو ويو ان ۾ مطالبا رکياسين پر حل ناھن ٿيا، آبادگار اڳواڻ عبدالخالق کوسو، خالد عمر کوسو، ذوالفقار علي، جنيد جروار ۽ ٻين چيو آهي ته غيرقانوني لڳل پائيپ بند ڪري پاڻي جي چوري روڪي وڃي ـ گندا کاھ کان سڄو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو آهي ته سنڌ جو نالائق چيف انجنيئر آهي جيڪو اسان جي ڪروڙين روپيا کڻي رائيس ڪينال ۾ ھنيا پر ڪٿي ھنيا ظاھر نه ٿيا، اسان جون ضرورتون وڌي ويون آهن، 60 سيڪڙو پاڻي مان پورائو نٿو ٿئي، اپريل کان پاڻي ناھي ڏٺو ظلم جي انتھا آهي، اين ڊبليو سسٽم کي لائينگ ڪرائي ڏني وڃي ـ پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.