ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ۾ سستي

0
262
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪورونا جي چوٿين لهر سنڌ کي تمام گهڻو متاثر ڪري رهي آهي جنهن ڪري وري هڪ دفعو ٻيهر ساڳيون سختيون لاڳو ڪيون ويون آهن. ڪورونا کان بچاءُ لاءِ توڙي جو سرڪاري طور ويڪسينيشن جاري آهي پر انهي جي رفتار ايتري ناهي ڪجهه انتظامي ڪوتاهيون ۽ سستيون آهن ته ڪجهه وري عوام جي پنهنجي به ويڪسينيشن ڪرائڻ ۾ عدم دلچسپي نظر اچي رهي آهي. ايستائين جو سرڪاري ملازمن جي ويڪسينيشن ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي پگهار سان مشروط ڪرڻو پيو ته جيڪي سرڪاري ملازم ويڪسين نه ڪرائيندا انهن جي پگهار بند ڪئي ويندي، جڏهن ته جيڪي عام شهري ويڪسين کان لنوائي رهيا آهن انهن لاءِ سوچيو پيو وڃي ته جيڪڏهن انهن ويڪسينيشن ڪرائڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري ته سندن موبائيل نمبر بند ڪيا ويندا جيڪا تجويز سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي به موڪلي آهي جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري به چيو ته اهو آپشن به آهي. هن وقت تائين جيڪي ڪورونا جا مثبت ڪيس اچي رهيا آهن انهن ۾ اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته جن ماڻهن ويڪسين نه ڪرائي هئي اهي ئي اسپتالن تائين پهچي رهيا آهن. تنهن ڪري ويڪسينيشن ذريعي ئي انهي ڪورونا کان نه رڳو پاڻ بچي سگهجي ٿو پر پنهنجي خاندان ۽ ٻين شهرين کي به بچائي سگهجي ٿو ٻيو ته جيڪڏهن ڪنهن ويڪسين ٿيل شهري کي ڪورونا ٿئي به ٿي ته انهي جي شدت يا اثر اهڙو خطرناڪ نه ٿو رهي جيڪو نقصان ويڪسين نه ٿيل ماڻهو جي صحت کي ڪورونا پهچائي ٿي.
سنڌ حڪومت جنهن ڪجهه وقت اڳ اسڪول ۽ درگاهون، شادي هال، سينيمائون ۽ ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني هئي ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر وري سختي ڪري ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته هن چوٿين لهر ۾ جيڪو ڪورونا جو قسم آيو آهي انهي کي ڊيلٽا نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جيڪو اڳ ۾ انڊيا ۾ ظاهر ٿيو هو ۽ اتي تباهي مچائڻ کانپوءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به پکڙيو. ڪورونا جي انهي ويرينٽ لاءِ چيو وڃي ٿو ته تيزي سان پکڙجندڙ ۽ وڌيڪ نقصانڪار آهي. برطانيا جي طبي ماهرن چيو آهي ته ڪورونا جو ڊيلٽا قسم دنيا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي جيڪو پنهنجي شڪل تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي ۽ سڀني کان ڏکي صورتحال ۾ اهي ملڪ آهن جن ۾ ويڪسينيشن جي رفتار سست آهي. جيڪڏهن طبي ماهرن جي انهي ڳالهه جو جائزو وٺجي ته اسان جو ملڪ ۽ صوبو به انهي خطري ۾ آهن هڪ ته هتي چوٿين لهر ۾ ڪورونا جو اهو ڊيلٽا قسم پکڙجي رهيو آهي ٻيو ته ويڪسينشن جي رفتار اها ناهي جيڪا سڌريل ملڪن پنهنجي ماڻهن کي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ ڏيکاري هئي. اسان وٽ سرڪار ۽ عوام ۾ انهي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا هم آهنگي شروع کان نظر ئي نه آئي آهي. سرڪار هڪڙي پاسي هوندي آهي ته عوام جو رخ وري ٻئي طرف هوندو آهي نه عوام سرڪاري هدايتن تي عمل ڪندي آهي نه ئي سرڪار کي پنهنجي هدايتن تي عمل ڪرائڻ جي پرواهه هوندي آهي. سرڪار سمجهندي آهي ته انهن جو ڪم رڳو هدايتون جاري ڪرڻ آهي جڏهن ته عوام وري انهن هدايتن کي مڙئي خانه پوري سمجهي انهن تي عمل ڪرڻ کان لنوائيندي آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪورونا جا ڪيس گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن انهي هوندي به ماڻهو ويڪسين ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي جي حالت اها آهي جو اتي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو شرح وڃي 26 سيڪڙو تائين پهتي آهي ۽ اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن. مهينو کن اڳ تائين جيڪا شرح سڄي ملڪ ۾ 2 سيڪڙو کان به گهٽجي وئي هئي اها وري وڃي ساڍن ڇهن تائين پهتي آهي جنهن جو مطلب ته ڊيلٽا وائرس سڄي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي .
اسان سمجهون ٿا ته هڪ ته سرڪار کي پنهنجي اعلانن ۽ هدايتن تي عمل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ٻيو ته وڌ کان وڌ ويڪسينشن جو عمل تيز ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن تڏهن وڃي هن خطري مان جان ڇٽندي نه ته اهو وائرس شڪليون تبديل ڪري تيزي سان پکڙبو رهندو ۽ تعليم سميت ڪاروبار، زندگي جو ٻيو وهنوار ۽ انساني حياتيون هر وقت خطري هيٺ هونديون .