مٺي: توهين مذھب ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
267
توهين مذهب ۾ گرفتار

مٺي(ن پ ا) توهين مذھب ۽ مذھبي انتشار ڦھلائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿر ڪول بلاڪ ون جي ڊرائيور عبدالسلام ابو دائود کي مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس نينگر مڪيش ڀيل تي تشدد بعد مذھبي انتشار ڦھلائي مذھب جي توهين ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالسلام ابو دائود کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.