گمبٽ: گمس اسپتال ۾ 10 ڪامياب آپريشن

0
149
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ دل جي حوالي سان ٻارڙن جي دل ۾ سوراخ ۽ ٻين دل جي بيمارين بابت سينٽر جو افتتاح ڪري 10 ڪامياب آپريشن ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ اين آء سي وي ڊي ڪراچي کان پوء گمس واحد ادارو آه جتي ٻارڙن جي دل ۾ سوراخ, دل جي پردي جو آپريشن سميت ٻيا ڪامياب آپريشن ڪيا ويا آهن، ڊائريڪٽر گمس جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ هڪ آپريشن تي 5کان 8 لک روپيا خرچ اچي ٿو. جيڪو گمس ۾ فري ۾ ڪيو وڃي ٿو، گمس اسپتال ۾ دل جي ٻارڙن جا آپريشن نالي وارا ڊاڪٽر نريش ڪمار ۽ ڊاڪٽر اقبال حسين جي اڳواڻي۾ ڪامياب آپريشن ڪيا ويا آهن. اسپتال ۾ ٻارڙن جي حوالي سان اڱاري ۽ خميس ڏينهن هفتي ۾ ٻه ڏينهن او پي ڊي ڪئي ويندي، سنڌ جي ماڻهن لاء وڏي خوشخبري آه جن ماڻهن جي ٻارڙن کي دل ۾ سوراخ سميت ٻيون بيماريون آهن او پي ڊي۾ ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪري فري ۾ آپريشن ڪرائي سگهن ٿا.