ڊي سي ۽ اي سي جو جواب غير تسلي بخش قرار، هاڻي فيصلو ٿيندو: عدالت

0
133

خيرپور (ن پ ا) خيرپور انتظاميه عدالتي حڪمن باوجود مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر منتقل نه ڪيا، توهين عدالت جي ڪاروائي ۾ ڊي سي ۽ اي سي طرفان داخل ڪرائيل جواب غير تسلي بخش قرار، عدالتي حڪمن جي تعميل تي ڪيترو عمل ٿيو؟ ٻيهر ڪو نوٽيس نه اماڻيو ويندو ۽ فيصلو ڪيو ويندو، عدالت طرفان انتظاميه کي آخري نوٽيس جاري ڪئي وئي، خيرپور جي فرسٽ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ محمد قابل مهر جي عدالت طرفان ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، ايڪسيئن بلڊنگز خيرپور، اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ خيرپور، ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ سنڌ آٽو ڀان روڊ حيدرآباد ۽ چيف ميونسپل آفيسر، ميونسپل ڪاميٽي خيرپور کي ليٽر اماڻيندي ڄاڻائيو آهي ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور طرفان عدالت ۾ خيرپور شهر مان مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرائيو ويو هيو، جنهن جي ٻڌڻ بعد عدالت 10 آگسٽ 2020 تي مينهن جا واڙا شهر مان ٻاهر منتقل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هيو. مگر اهڙي عدالتي حڪم تي انتظاميه طرفان ڪوبه عمل نه ٿيڻ سبب عملدارن خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي هلي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور طرفان جيڪو جواب داخل ڪرائيو ويو آهي اهو غير تسلي بخش آهي جنهن ڪري عدالت عملدارن خلاف ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي عدالتي حڪمن جي تعميل جي حوالي سان رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪئي آهي ته هاڻ انتظاميه کي ڪوبه ٻيو نوٽيس جاري نه ڪيو ويندو ۽ عدالتي فيصلو ڪيو ويندو.