سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ حاجي احمد خان موچي ۾ ڳوٺ ڀرسان شاخ ۾ وھجندي معصوم ٻارڙي بادشاهه زادي ڌيءَ حضور بخش موچي ٻڏي فوت ٿي وئي. اطلاع بعد ڳوٺاڻن پاران واقعي واري هنڌ پھچي لاش ڪڍي سماجي تنظيم ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي معصوم ٻارڙي جو لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته ٻارڙي جو لاش ڳوٺ پھچڻ بعد ڪھرام مچي ويو.