نئون دمبالو/ٽنڊو غلام علي (نمائندن وٽان) نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ سليمان پهوڙ جو رهواسي 15 ورهين جو سورج ولد ڀيمراج ڪولهي 3 ڏينھن اڳ ڪاوڙجي گهران نڪري ويو هو، جنهن جو اڄ ڪمند جي فصل ۾ نم جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي، نينگر جي امڙ ٻني تي ۾ گاهه ڪرڻ وئي ته پٽ جو لاش ڏسي رڙيون ڪيون، جنهن بعد ڳوٺاڻن پهچي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي نينگر جو لاش وڻ تان لاهي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊوغلام علي رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف نينگر جي ڀاءُ مڪيش ڪولهي ٻڌايو ته ڀاءُ ڪراچي رهندو هو، اسان کيس اسڪول جي امتحان لاءِ گھرايو ھو، مون کيس امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ چيو جنهن تان ڀاءُ ڪاوڙجي گهران هليو ويو هو، اڄ سندس لاش هٿ آيو آهي، هوڏانهن پوليس موجب وارثن پاران اتفاقي موت قرار ڏيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو آهي.