ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ اوڻ جو وانڊيو ۾ 15 ورهين جي ستين ڪلاس جي شاگرد معشوق علي ولد محمد بخش کوسو جو ڄار جي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب نينگر امڙ کان ڪاوڙجي آپگهات ڪيو آهي، ٻي طرف اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.