سکر ۾ غربت ۽ وياج خورن جي ستايل عورت جو امڙ ۽ ٻارڙن سوڌو احتجاج

0
434

سکر ( بيورو رپورٽ)سکر ۾ غربت ۽ وياج خورن جي ستايل عورت پنهنجي والده ۽ ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو آهي، ه روهڙي ويجهو اروڙ جي رهواسڻ آسيا خاتون ملاح سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، سندس چوڻ آهي ته گهر جي مرمت لاء خادم ملاح کان 20 هزار روپيا قرض ورتو، غربت سبب قرض وقت تي ادا نه ڪرڻ سبب وياج جي مد ۾ قرض وڌندو ويو، هن چيو آهي ته 20 هزار بجاء لکين روپيا ادا ڪري چڪا آهيون پر وياج واري رقم ختم ئي نٿي ٿي، وياج واري رقم حاصل ڪرڻ لاء خادم ملاح پنهنجي ساٿين سان گڏ گهر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ موٽر سائيڪل زبردستي ڪاهي ويو، آسيا خاتون جو چوڻ آهي ته گهر تي چڙهائي دوران کين تشدد جو نشانو به بڻايو ويو، روهڙي پوليس وٽ انصاف لاء دانهيو آهي پر پوليس تعاون ڪرڻ لاء تيار ناهي، ايس ايس پي سکر عرفان سمون ۽ ڊي آء جي سکر فدا حسين مستوئي نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڏيارين.