پڊعيدن ۾ ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جي تصديق

0
305

پڊعيدن( ن پ ا) پڊعيدن ۾ ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جي تصديق ٿي وئي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ھڪ ڪلو جو بارودي مواد استعمال ڪري ٽريڪ کي اڏايو ويو، ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جي تصديق ٿيڻ تي سي ٽي ڊي پوليس، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ سميت ريلوي پوليس پاران ڪيل جاچ مڪمل ڪئي وئي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ھڪ ڪلو وزن جي ھٿرادو بارودي مواد سان تيار ٿيل بم کي شاپر ۾ وجهي استعمال ڪيو ويو، بي ڊي ايس اختيارين جو چوڻ آهي ته لوڪل ھينڊ ميڊ بم جي رپورٽ ريلوي پوليس حوالي ڪري ڇڏي آھي .