مڪاني کاتي جي وزير ناصر حسين شاهه کي اپيل!
پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي ۾ سالن کان ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن جن کي واٽر ڪميشن جي حڪم تي هٽايو ويو هو، انهن کي ٻيهر بحال ڪري کين پڪو ڪيو وڃي، ٽائون ڪاميٽي جي صفائي عملي سميت مڙني ملازمن کي بحال ڪيو وڃي، ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل ۾ ڪجھ من پسند ۽ پنهنجن ماڻهن کي بحال ڪري کين هر مهيني پگهارون ڏنيون پيون وڃن، صفائي عملي جي سينئر سينيٽري انسپيڪٽر موجب اسان وٽ پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي ۾ 130 ڪچا صفائي جا ملازم آهن، جيڪي سڀ جا سڀ ڪم وارا ۽ محنتي آهن، جن جي نه هجڻ ڪري اسان جو شهر گندگي جي ور چڙهي ويندو، ان صفائي عملي جي هجڻ ڪري شهر ۾ صفائي ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو صفائي عملو ڪم ڪرڻ وارو ۽ تجربيڪار آهي، ڪجھ ماڻهو بحال ڪري جن کي پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون بهتر ايئن ٿيندو ته سڀني ملازمن کي بحال ڪري کين پڪو ڪيو وڃي جيئن انهن جو گذر سفر بهتر ٿئي، هن خط وسيلي مڪاني کاتي جي وزير ناصر حسين شاهه کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا انهن غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ٻيهر بحال ڪري کين پڪو ڪيو وڃي، اهي ڪچا ملازم 2012ع کان ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل ۾ رکيل هئا جن کي واٽر ڪميشن هٽايو، جن مان آئون عرضدار محمد اسلم ماڪو پڻ هڪ آهيان، هينئر مان واندو آهيان، اوهان مڪاني کاتي جا وزير آهيو، ضلعي سکر سان تعلق رکو ٿا، پنوعاقل به اوهان جو تڪ آهي، اسان پ پ پ جا ووٽر ۽ ماڻهون آهيون. پ پ پ ته اٽي، لٽي ۽ اجهي جو واعدو ڪري سرڪار ۾ ايندي آهي ۽ غريب ۽ بيروزگار ماڻهن کي روزگار جو واعدو پورو ڪندي آهي.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
نااھل اسان جو مالھي آ، معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو!‎
ڪڏھن پاڻي جي معاملي تي وفاق پاران ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ، ڪڏھن ڀاشا ۽ گوڙاڻو ڊيم جا منصوبا، ڪڏھن ذولفقارآباد رٿا، ڪڏھن ٺٽي جي زمين تي افغانين جو قبضو ته، ڪڏھن ڪراچي جي قديمن ڳوٺن تي ملَڪن جا قبضا، سو به اھڙي طرح قبضا ڪيا پيا وڃن جو ڪي وڏا ڏوھاري پوليس کي ھٿ ناھن ايندا ۽ پوءِ اھلڪار انھن جي ڳوٺن تي چڙھائين ڪندا آھن، بلڪل اھو حشر آھي، سنڌ تي مافيائن جو قبضو آهي، ٺٽي ۾ جڏھن افغانين پاران قبضي جو سنڌ سرڪار کي ٻڌايو ويو تڏھن سرڪار سڳوري ڪھڙو تحرڪ وٺي افغانين کي نيڪالي ڏني؟ جو ھنيئر بحريا ٽائون معاملي تي فورن اسيمبلي اجلاس ڪوٺائي بحريا ٽائون جي ايجنڊا تي ڳالھائڻ ۽ تحرڪ وٺڻ بدران سرڪار اڃا سوچڻ ۾ ٻڏل آھي، جنھن مسئلي جي سنڌ ۾ رھندڙ سنڌ واسي ھر مڪتب فڪر سان سلھاڙيل ماڻھو مخالفت پيا ڪن ۽ ان ئي ماڻھن جنھن پيپلز پارٽي کي اڳيان آندو انھن کي آٿت ڏيڻ خاطر سنڌ حڪومت ڪھڙو مزاحمتي بيان ڏنو؟ جيڪا ھر مسئلي تي رڳو سوچڻ ۾ وقت ٿي وڃائي، افسوس جو بحريا ٽائون مسئلي تي وفاق جو به ڪو خاص ردعمل سامھون ناھي آيو، جن ماڻھن اوھان کي ووٽ ڏئي مقدس ايوانن ۾ پھچائي اوھان تي ايمان رکي سموريون واڳو اوھان حوالي ڪيون اڄ اوھان جي حڪومتي دور ۾ سنڌ واسي موچڙا پيا کائين، انھن تي بندوق تاڻي بيٺلن کي گرفتار به نٿو ڪيو وڃي سو آخر ڇو؟ انھن جا گھر پيا ڊاٿا وڃن انھن کي يتيم، ڪنگال، مظلوم ۽ محڪوم بنايو پيو وڃي. سنڌ جي قومپرستن، اديبن، ليکڪن، ساڃاهه وندن ۽ وڪيلن لاءِ ان خلاف اٿڻ ڪو مسئلو ڪونھي پر اليڪشن وقت ضروري آھي ته سنڌ جا غيرتمند ماڻھو اوھان کان باغي بڻجي وڃن.
رياض امر ٻجورو/سجاول
سرھاڙي ۽ آسپاس سرن جي غيرقانوني بٺن خلاف ڪارووائي ڪريو!
سرھاڙي، چودگي، شاھپور چاڪر ۽ گپچاڻي روڊ ۽ پسگردائي ۾ قائم سرن جا بٺا جيڪي بلڪل شھري ۽ ڳوٺاڻي آبادي جي ويجهو آھن انهن بٺن مان نڪرندڙ دونهون ۽ آلودگي سبب ڪيرائي ڳوٺاڻا ۽ شھري بيمارين جھڙوڪ چمڙي، اکين جي بيمارين، کنگھ، سائي، سھڪي، ٽي بي، ڪينسر ۽ ڇاتي جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن ۽ ڪيترائي ماڻھو انهن بيمارين جي ڪري موت جو شڪار پيا ٿين انهن بٺن ۾ ٻرندڙ باھ لاءِ ڪاٺين بجاءِ بٺا مالڪ سستي اڳڙي، رٻڙ، پلاسٽڪ ۽ نيلامي جوتا پلاسٽڪ جون ٿيلھيون، گَتا، ڪند ڪچرو سان باھ ٻاري سرون پچايون وڃن ٿيون، جنهن سبب بٺن مان زھريلو دونھون نڪري ٿو، جيڪو ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، علائقي واسين وقتن به وقتن احتجاج پڻ رڪارڻ ڪرايا آھن پر ضلعي سانگھڙ انتظاميا ۽ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ادارا ۽ اين جي اوز اگھور ننڍ ستل آھن. سرن جي بٺن تي ڪيترن ئي معصون ٻالڪن کان گھٽ اجوري تي جبري پورھيو ورتو ٿو وڃي جيڪو انسانيت جي پڻ خلاف آھي، بٺا مالڪ سرن جو اگھه پنهنجي مرضيءَ تي طئي ڪندا آھن، ضلعي انتظاميا طرفان انهن کان ڪا به پڇا ڳاڇا ناهي ٿيندي. ٻٺي مالڪن جا ٽريڪر ٽراليون تيز اسپيڊ ۽ اوور لوڊنگ سبب روز روڊ حادثن جو سبب بڻجي رهيا آهن، ساڃاھ وند ڌرين گھر ڪئي آھي ته بٺن کي انساني آبادي کان پري منتقل ڪيو وڃي ۽ ٻٺن ۾ صرف ڪاٺ ٻارايو وڃي، سڀني لاڳاپيل ادارن انساني حقن جي تنظيمن، ٽريفڪ جي قانوني ادارن، بلڊنگ اٿارٽي ماحولياتي ادارن ۽ اعليٰ عملدارن کي عرض آهي ھن جائز مسئلي تي قدم کنيو وڃي.
اسد زرداري/ سرھاڙي، سانگھڙ
آپگھات آخر ڇو!
پاڪستان ۾ آپگھاتن جا واقعا معمول بڻجھي ويا آھن، ملڪ جي چئني صوبن ۾ ڪيترائي دردناڪ آپگھاتن جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آھن، ٻين صوبن کان وري سنڌ آپگھاتن ۾ اڳتي آھي، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، سانگهڙ، خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ آپگھات ڪندڙن ۾ وڏو انگ تعليم يافتا نوجوانن جو آھي، ڪٿي ڪو گهروارن سان رسي انت ٿو آڻي ته ڪٿي وري ڪو پنهنجن جو ستايل ڦاھو ٿو کائي، اهڙو ئي جيءُ جهوڙيندڙ واقعو سکر جي علائقي نيمڪي چاڙھي ۾ پيش آيو، جتي ارسلان ميمڻ نالي شاگرد پنهنجي زندگي جو انت آندو، اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل آھي، نوجوان جي ويجهن دوستن موجب ارسلان معاشي طور تي تنگدست هجڻ ڪري اهڙو قدم کنيو، ڪجھ دوست وري آپگهات کي عشق ۾ ناڪامي جو سبب پيا ڄاڻائين پر دردن سان مهاڏو اٽڪائڻ به هڪ وڏي خوبي آھي، دردن سان ويڙھ صرف ۽ صرف صبر ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿي، صبر دردن سان جهيڙڻ جو اهو واحد ذريعو آھي جنهن ۾ انسان اڻکٽ اذيتن کي منهن ڏيندو رهي ٿو، سياڻن جو چوڻي آھي ته “صبر جو ڦل مٺو هوندو آھي” پر صبر جي ڦل ۾ مٺاڻ لاءِ ڪافي ڏکيائون ڏسڻيون پونديون آھن، جنهن دوران انسان ٿڪجي آپگهات ڪندو آھي پر دنيا وارن جي مليل اذيتن کي خالق ڪائنات آڏو انصاف جي اوسيئڙي ۾ پيش ڪرڻ کپي، ڇو ته دنيا ۾ مايوسين جو شڪار بڻيل ٻانهي کي رب ڪڏهن به مايوس ناهي ڪندو، اهڙن دردناڪ واقعن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪجي، آئون سنڌ جي اديبن، قلمڪارن، شاعرن کي به عرض ڪندس ته آپگھات جي واقعن تي شعوري مضمون لکي اڳتي لاءِ نوجوان نسل کي اهڙن واقعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪجي.
آفاق پتافي/پنوعاقل
سنڌ جو زرعي پاڻي نه روڪيو!
سنڌ ھڪ ذرخيز ۽ زرعي صوبو آھي، سجاول، بدين، ٺٽي ضلعي سميت پوري سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻيءَ جي سخت کوٽ آھي جي اھا حالت رھي ته ڏڪار اڃا وڌي ويندو، وفاقي سرڪار جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ٿيڻ گھرجي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب ھتان جي زراعت تباهه ٿي ويندي، سنڌ وڌيڪ ڏکين حالتن مان گذرندي، ھن وقت ڊيمن ۾ موجود پاڻي سنڌ بدران غيرقانوني طور تي پنجاپ کي ڏنو پيو وڃي، سنڌ کي پنهنجي مقرر حصي مان 70 سيڪڙو پاڻي گھٽ ڏئي سنڌ سان دشمني ڪئي پئي وڃي، وفاق کي يزيدن وارو ڪردار ادا ڪرڻ نه گھرجي، سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، برابريءَ جي بنياد تي صوبن تي نظرثاني ڪئي وڃي. سنڌ جي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن کي، سنڌ جي قومپرست پارٽين کي ۽ سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن کي گڏجي تحريڪ ھلائڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ سنڌ ۾، زمينون تباھ ٿي وينديون، ڏڪر جي حالت پيدا ٿي ويندي، سنڌ کي خوشحال بڻائڻ چاھيو ٿا ته وفاق اڳيان سنڌ جي پاڻيءَ بابت موقف پيش ڪري ڪيس وڙھو، سنڌ لاءِ پاڻي اھم مسئلو آهي.
خواجا صدام سنڌي/احمدپور، ڪنگري
اسان کي سست ڇو ٿو چيو وڃي؟
ڪڏھن اسان غور ڪيو آھي ته اسان کي آخرڪار سست، نالائق، ڪمچور ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ ان لاءِ پھرين مون پنھنجو پاڻ کي آزمايو ته خبر پيم ته سڀني کان وڌيڪ مون کي سست چوندڙ منھنجي ماءُ آھي، پوءِ منھنجا سڀ گھر وارا به ان ۾ شامل آھن، پوءِ سڀ مٽ مائٽ به سست سڏيندا آھن، پر الائي ڇو انھن سڀني تي مون کي اھا ڪاوڙ يا غيرت نٿي اچي، جيڪا ڪنھن ان ماڻھو جي چوڻ تي ايندي آھي، جيڪو ھڪ سوچ موجب منھنجي پوري قوم کي سست سڏي ٿو. پوءِ خيال آيو ته ڇو نه اڄ ڌارين کي ڪجھ چوڻ بجاءِ پنھنجون غلطيون ڏسجن، مثالطور اسان پاڻ کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ واري کي ڀرپور جوش ۾ جواب ته ڏيندا آھيون پر عملي طور ته اسان ۾ ڪا به ٻڌي ناھي، اسان پارٽين ۽ ليڊرن جي چڪر ۾ ايترو وڪوڙجي چڪا آھيون جو پنھنجي سڳي ڀاءُ جا به دشمن ٿيو ٿا وڃون، صرف نعرن جي حد تائين اسان سڀ سنڌي ھڪ آھيون، عملي طور تي ذات، پات قبيلائي تڪرارن ۾ جڪڙيل آھيون، اسان کي ھاڻي اھو به ضرور سوچڻو پوندو ته ڪٿي اسين سست، ڪم چورن کان سواءِ مفادپرست به ته ناھيون؟ ڇو ته اھي سڀ ڳالھيون مفاد پرستن ۾ ھونديون آھن نه ڪي ھڪ باوقار قوم ۾، غيرن جي صحبتن ۾ رھي اسان پنھنجي سنڌي اھڃاڻ وڃائي چڪا آھيون، اسان مان ننڍ وڏائي موڪلائي وئي آھي، اسان جون نياڻيون ھاڻ اسان پاڻ کان خوف ٿيون کائين، يقينن اسان لطيف سرڪار سچل سرمست جي سنڌ کان ڪوھين ڏور آھيون، سچ ۾ بس اسان مفاد پرست ٿي ويا آھيون، ھاڻ اسان صوفي سنڌ جا مالڪ سڏائڻ جو حق نٿا رکون، ڇو جو جي ايئن نه ھجي ھا ته هيستائين بحريا پٽ پئجي چڪو ھجي ھا.
نريش ڪمار/ ٽنڊوسومرو 
وڻ پوکيو زندگي بچايو!‎
وڻ پوکيو زندگي بچايو، وڻ سان ئي زندگي آھي، اسان جي ملڪ ۾ وڻن جي کوٽ آھي، وڻ ڪٽجڻ ڪري ماحول ۾ تبديلي ۽ گدلاڻ وڌي وئي آھي، ھڪ ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو وڌي وڃڻ سان بيمارين جنم ورتو آھي، ٻيو وري موسم ۾ به تبديلي آئي آھي، وڻ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا، آڪسيجن ھر ساھ واري شيءِ لاءِ لازمي آھي، سنڌ ۾ خاص ڪري واھن جي ڪنارن سان ٽارين، سنڌي ٻٻر ۽ ٻيا وڻ ھوندا ھئا پر ھن وقت ڪجھ به ناھي واھن، دريائن جي ڪپن ڪنارن سان وڻ نه ھجڻ ڪري اھي ڪنارا ڪمزور ٿي ويا آھن، واھن جي بند ٽٽڻ ڪري پاڻي جو زيان ٿئي ٿو، ٻيو ڪمزور ڪنارن جي ڪري اھي گھڻو پاڻي اچڻ ڪري اھي بند ٽٽي پوندا آھن، وڻ نه رڳو ڪاٺ ڏين ٿا پر ميوا به ڏين ٿا.
لطيف سرڪار جئين فرمايو آھي ته:
وڻ ٿا ميوو ڏين پنھنجو پاڻ ڪين کائين،
ٺڪر ڀتر کائين پر دانھن ڪنھن کي ڪين ڏين.
ناياب قيمتي وڻ ھاڻي سنڌ ۾ ڏکيائيءَ سان آھن، ٽاري جو وڻ، سنڌي ٻٻر، بڙ، سرنھن، نم جو وڻ ۽ ٻيا وڻ شامل آھن سنڌ ۾ جيڪي ٻيلا ھئا ھاڻي اھي به تباھ آھن ان ڪري ٻيلن جو کاتو، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وڻن پوکڻ تي ڌيان ڏئي ڇو ته وڻ زمين مان سم ختم ڪن ٿا، آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ماحول کي پرڪشش سازگار بڻائين ٿا.
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ 
انسانيت موڪلائي وئي!‎
ٿر جتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت کوٽ آھي اتي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ لڳايل آر او پلانٽس جون سولر پلٽون چوري ڪيون ويون آهن، جتي انسانيت مري وڃي اتي اهي واقعا ٿيندا آهن، اتي جا پٽيل، چڱا مڙس چورن جا ساٿاري بڻجي ويندا آهن، انهي ڪيل چوري مان پنهجو حصو پتي وٺن ٿام پوءِ انهن ڀوتارن جا ماڻهو ڳيت ڳائين ٿا، ماڻھون پاڻي جون سبيلون لڳائي اڃايلن کي پاڻي پياريندا آهن پر ھتي ٻيو ڪجھ ڏٺو ويو آھي، مون ڪلوئي ۾ مشاهدو ڪيو آهي ته هتي ماڻهو يزيد جي دور جي ياد تازي پيا ڪن، هتي سولر پلٽون چوري ڪرائين ٿا نلڪن ۾ لوڻ جون مٺيون ڀري وجهندا آھن، عورتن کي پنهنجي تلاءَ ۽ نلڪي مان پاڻي ڀرڻ ڪون ٿا ڏين، هن سماج جو درد انهن بيوس ماڻھن وٽ آھي جن وٽ رهڻ لاءِ زمين جو ٺڪرو ناهي، پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، ظالمن جي آسپاس رهندڙ بيوس انسان جڏهن پاڻي ڀرڻ لاءِ پنهجي عزتون خطري ۾ وجهندا پون، خدارا رحم ڪيو، بيوس لاچار انسانن تي جيڪي پاڻيءَ ڍڪ لاءِ پريشان آھن، انهن جون آھون اوهان لاءِ عذاب جو سبب نه بڻجن.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي. ٿرپارڪر
سنڌ ۾ تباهه بڻيل تعليم ۽ صحت!
سنڌ ۾ جي اسڪولن ۽ اسپتالن تي نظر وجهبي ته هزارين اسڪول بند نظر ايندا، سوين اسڪول اوطاقون بڻيل آهن، ڪٿي اسڪول آهي ته فرنيچر ۽ استاد ناهن، ڪٿي استاد آهن ته وري اسڪولي عمارت ئي ناهي، چوندا آهن نه ڪنهن به قوم کي جي تباهه ڪرڻو هجي ته ان کان تعليم کسي وٺو، اها قوم پاڻ تباھ ٿي ويندي، هتي به اهو ساڳيو ڪم آهي، سنڌي قوم کان هٿ سان تعليم کسي وئي آهي، جي صحت جي ڳالهه ڪجي ته ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اسپتالتن جي حالت تمام خراب آهي، دوائون ۽ ميڊيڪل عملي جي کوٽ هوندي يا وري صرف سفارش يا پئسن تي ڪم پيو هلندو، ايستائين جو اسپتالتن ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين به اڻلڀ آهي، صفائي جو به ڪو انتظام نه هوندو آهي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس واري بيان ته اکيون کولي ڇڏيون، هن رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 2013ع کان 2017ع تائين جي عرصي ۾ تعليم ۽ صحت تي 2 ارب 60 ڪروڙ ڊالر خرچ ٿيا آهن، جي ايتري رقم خرچ ٿئي ها ته پوءِ سنڌ به پئرس بڻجي وڃي ها، مطلب ته هتي صرف انگن اکرن ۾ رقم خرچ ٿئي ٿي، جڏهن اسان سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي نظام کي ڏسنداسين ته ڏاڍي حيرت ٿيندي، سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، اتان جي ڌرتي ڌڻين سان فلسطينين وارو حال آهي، اصل ۾ سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم تي ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، سنڌ ۽ وفاقي سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي صحت ۽ تعليم واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي خاص اپاءُ ورتا وڃن.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو،سجاول
سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر!
سنڌ ۾ هن وقت ڌاڙيل ڪلچر وڏي عروج تي آهي، جنهن تي ضابطي لاءِ سنڌ سرڪار توڙي سنڌ پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آهي، ڪڏهن ڌاڙيل ڪنهن مغويءَ کي اغوا ڪري ڀنگ ڀرڻ تي آزاد ٿا ڪن ته ڪڏهن ڪنهن مغويءَ جي ڀنگ نه ملڻ ڪري کيس ماريو ٿو وڃي، عجيب الميو آهي، ڌاڙيل ڪلچر گهٽجڻ بجاءِ زور وٺي رهيو آهي، جيڪو سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس جي ناڪاميءَ ۽ نااهليءَ جو چٽو ثبوت آهي، 5 ڏينهن اڳ ڏهرڪيءَ مان اغوا ٿيل پورهيت موهن لعل ميگهواڙ تي ڌاڙيلن جي تشدد واري وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ ڌاڙيل موهن لعل ميگهواڙ تي شديد تشدد ڪري رهيا آهن، وڊيو ۾ موهن ميگهواڙ پنهنجي ڀاءُ ڀوري ميگهواڙ کي 50 لک ڀنگ ڏئي کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ چئي رهيو آهي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مغويءَ جي گهرڀاتين ۾ روڄ ۽ ڪهرام مچي ويو، مغويءَ موهن لال جي معصوم نياڻين، پٽ پاران پيءُ جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن کي منٿون ۽ ايلاز ڪيا آهن، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايم پي اي شهريار خان شر جيڪو ڏهرڪي شاھه لطيف ڪالوني پهچي مغوي موهن لعل ميگهواڙ جي وارثن کي هر ممڪن مدد ۽ ضرورت پوڻ تي پاڻ پوليس سان گڏ ڪچي طرف وڃڻ جو چيو ۽ کين آٿتون ڏنيون، جيڪو هڪ سٺو عمل آهي، ماڻهو ڀلا ڪنهن کي ڪجهه به نه ڏئي سگهي، انهن ماڻهن وٽ وڃي کين آٿت ته ڏئي سگهي ٿو، هنن مسڪينن جن کي ووٽ ڏنا ۽ انهن کي اعليٰ اقتدار تائين پهچايو تن مان ڪير به هن وقت تائين مغويءَ جي گهرڀاتين وٽ لڙي ناهي ويو. سنڌ سرڪار توڙي سنڌ پوليس کي سخت قدم کڻي سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو ڪرائڻ سان گڏ سمورن مغوين کي باسلامت بازياب ڪرائي گهرڀاتين جو مرڪون واپس موٽرايون وڃن.
احسان ملاح/نندو
لاڪڊائون سبب متاثر مزدور جي سهائتا ڪريو!
ڪاروبار ڪندڙ اھو طبقو آھي جنھن جي گھر جو گذر سفر ان ڪاروبار يا روزگار تي ھلندو آھي، دڪاندار، ريڙھي مختلف ھنڌ تي کاڌي پيتي جون شيون وڪڻڻ وغيره، ھي اھو طبقو آھي جنھن جو گذارو ان ڪاروبار تي آھي، لاڪ ڊائون سبب سندن جو گذارو ڏکيو ٿي پيو آهي، لاڪ ڊائون سبب گھڻي تڪليف مزدورن کي آھي، جيڪي مارڪيٽن ۽ ھوٽلن، دڪانن تي روزانو مزدوري ڪري پنھنجي گھر جو چرخو ھلائيندا آھن ۽ لاڪ ڊائون سبب بي روزگار بڻجي ويا آھن ۽ گھر جو گاڏو ھلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، مٿان وري عيد به آھي سندن روزگار جا ذريعا به بند آھن، مزدور کي عيد ته پري پر ٻن جي مانيءَ جي به پريشاني آھي. اسان اپيل ڪيون ٿا سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي ته عيد جي موقعي تي لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ مزدور طبقي جي سار لڌي وڃي، سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وڃي، ڇو ته جيئن مزدور روزگار ڪري پنهنجن معصوم ٻچڙن جو پيٽ پاري سگھن.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
غريب طبقي جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي!
ڪورونا جتي پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آهي، اتي اسين پڻ خطرناڪ صورتحال طرف وڌي رهيا آهيون، هڪ پاسي ڪئين انساني جانيون زيان ٿيون ۽ متاثرن جو تعداد روزانو وڌي رهيو آهي، ان وبا سبب ڪروڙين ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ ان نقصان جو شڪار گهڻي ڀاڱي وچولو ۽ هيٺيون طبقو ٿيو، جنهن ڪري ملڪ ۾ نه صرف بيروزگاري وڌي پر مهانگائي ۽ غربت ۾ گهڻو اضافو ٿيو آھي، هاڻ جڏهن ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون لڳايو ويو آھي ته اها صورتحال ويتر خراب ٿي آھي، ڪورونا جي ملڪ ۾ پکيڙ ۽ ان مرض ۾ ڏينهون ڏينهن ايندڙ واڌ هر ماڻهوءَ جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ يقينن ڪنهن ڪمزور معيشت لاءِ لاڪ ڊائون ۽ ماڻهن کي گهرن تائين محدود ڪرڻ جا فيصلا ڏکيا هوندا آهن، تنهن هوندي به قوم جي سلامتي ۽ شهرين جي جانين جو تحفظ يقيني بڻائڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، ان بنياد تي هن ڏکئي وقت ۾ نه رڳو لاڪ ڊائون جو فيصلو وقت جي تقاضا هئي، پر انهن غريب خاندنن جي سار سنڀال لهڻ به حڪومتي ذميواري آهي، جيڪي ڏهاڙي مزدوري وسيلي پنهنجي گهرڀاتين جو معاشي سهارو بڻيل آهن، روز ڪمائيندڙ انهن پورهيتن جي گهرن تائين محدود ٿيڻ سان ڪيئي خاندانن کي مالي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جنهن ڪري هن وقت اهم ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غريب ماڻهن جي مالي مدد کي يقيني بڻايو وڃي. رمضان مهيني ۾ نه رڳو حڪمرانن پر سگهارن ماڻهن جو قومي فريض آهي ته هو هن ڏکي گهڙيءَ ۾ انهن بي سهارن ۽ لاچار ماڻهن جي مالي سهائتا ڪن، جن جا گهر روزانو جي اجرت تي هلن ٿا.
جاويد احمد شيخ/ ڪنڌڪوٽ
ڪورونا ۽ اسان جو غريب عوام!
سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪري لاڪ ڊائون لڳو آھي، ھتي اسان وٽ به سنڌ صوبي ۾ لاڪ ڊائون جي ريل به روان دوان آھي، ھي مسئلو رڳو لاڪ ڊائون جو ناهي، ان سان گڏ بيروزگار ماني گڀي جي لاءِ پريشان آهن، غريب طبقو سڄو  ڏينهن مزدوري ڪري ٻه ويلا ماني مان پيٽ جي مس وڃي دوزخ جھڙي باھ اجھائيندا ھئا، اڄ ھيترا ڏينھن ٿيا آهن لاڪ ڊائون جي ڪري شھر بند پيا آھن، ھاڻي ويچارا مزدور بيروزگار وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ حڪومت ڪڏھن ٿي چوي ته ٽائيگر فورس ٿا جوڙيون، ڪڏھن چوي ٿي ته ڪائونسلرز جي معرفت امداد ڏنو ويندو، اڃا رڳو ڳالهيون پيون ھلن، خدارا جيئن به ڪيو غريبن کي راشن ڏيو، ھرروز اخبارون اھڙين خبرن سان ڀريون پيون  آهن ته اڄ ڦلاڻي شھر ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگھات ڪري ڇڏيو، اڄ ڦلاڻي شھر ۾ نوجوان پيٽرول ھاري زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، وس وارن کي اپيل آهي ته ايئن نه ٿئي جو وبا کان اڳ ۾ بک غريبن کي پورو ڪري ڇڏي، غريبن کي راشن ڏيو، ھن ڏکئي وقت ۾ زندگي جي خيرات گهري رهيا آهن، ھن ڏکعي وقت ۾ غريبن جو ساٿ ڏيو، ھي وري مرد مجاھد وري اليڪشن ۾ اوھان جو ساٿ ڏيندا.
امر کتري/ ٽنڊوباگو