سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾  بجلي ۽ سئي گئس جي اڻ اعلانيل ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا. سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ سئي سدرن گئس ڪمپني انتظاميا ۽ سيپڪو جي نااهلي سبب گئس ۽ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو. پراڻو سکر، وسپور محلي،  رائل روڊ، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، ڀوسا لائين، قريشي ڳوٺ، ريس ڪورس روڊ، مينارا روڊ، شاليمار، ڪوئنس روڊ، مياڻي روڊ سميت اڪثر علائقن ۾ صبح، منجھند ۽ شام جو رڌپچاءُ وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي. اهڙي طرح ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ پڻ معمول بڻيل آهي. شهرين موجب سکر شهر ۾ رڌپچاءُ وقت گئس جي فراهمي بند هجڻ ڪري سخت ڏکيائين جو شڪار آهيون، بار بار شڪايتن باوجود ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي. بجلي ۽ گئس جا ڳرا بل ڀرڻ باوجود مناسب سهولت فراهم نٿي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته گئس ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي، ٻِي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.