سکر(بيورو رپورٽ) سکر ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي بي ڌيانيءَ سبب گھنٽا گھر آڏو گندو پاڻي بيھجي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ وڪٽوريا مارڪيٽ، پان منڊي، اناج بازار، مھراڻ مرڪز، سبزي مارڪيٽ، گوشت، مڇي مارڪيٽ طرف ويندڙ شھرين کي تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو، مختلف مارڪيٽن آڏو گندو پاڻي بيھڻ سبب تجارتي سرگرميون پڻ متاثر رھيون. اِن ڏس ۾ سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر ۽ سکر ڊوالپمينٽ الائنس جي چيئرمين حاجي جاويد احمد ميمڻ، اڳوڻو ايم پي اي ديوان چند چاولا، جيئرام داس، سيٺ چندر ڀان ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته گھنٽا گھر سميت ٻين مصروف ترين ھنڌن تي ڊرينيج جو پاڻي بيھڻ معمول بڻيل آھي، جنھن متعلق ضلعي انتظاميا، ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ ھيلٿ توڙي چونڊيل نمائندن کي به ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آھن پر ڪو به تدارڪ ناھي ٿيو،تازو مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر سکر ميونسپل ڪارپوريشن مقامي ماڻھو آھي تنھن ڪري کيس ڊرينيج نظام جي بھتري لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن.