چوھڙجمالي (رپورٽ: حميد الله ميمڻ) چوھڙ جماليءَ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، روينيو رڪارڊ ۾ ھيراڦيري، بدامني، منشيات جي سرعام واهپي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتن جي کوٽ خلاف جمعيت علماءِ اسلام ۽ شھرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. خبر موجب چوھڙجمالي شھر ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، روينيو رڪارڊ ۾ ھيراڦيرين، بدامني، منشيات جي سرعام واهپي خلاف جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي قاري نجيب الله ميمڻ، حافظ فضل الله، مولوي منظور حقاني ۽ اسد الله سنجراڻيءَ جي اڳوڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ سوين ڪارڪن ۽ شهري شامل هئا. پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته چوھڙجمالي مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي. روينيو کاتن ۾ ھيراڦيريون ڪيون ويون آهن. شھر ۽ ڀرپاسي بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، روڊ رستن تان ڦرون روز جو معمول بڻيل آهي. ان کان علاوه هر قسم جي منشيات جو سرعام وڪرو جاري آهي، باربار شڪايتن باوجود پوليس موثر ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ھنن چيو ته بجليءَ جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ روز جو معمول بڻيل آهي. سالن کان شهر ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته شاهه بندر تعلقي جي واحد رورل ھيلٿ سينٽر کي ڊاڪٽرن ريفر سينٽر بڻائي ڇڏيو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته چوھڙجمالي شھر جا حل ڪيا وڃن، ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.