ميهڙ( ن پ ا ) مسمات صائمه زال اصغر چانڊيو پنهنجي چاچا مقتول غلام عباس چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاء ميهڙ انڊس هاء وي باء پاس روڊ فريد آباد چونڪ کان مٿي تي ڪفن ٻڌي پيرين اگهاڙي هٿن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو رسالو ۽ مقتول غلام عباس چانڊيو جي تصويرن وارا پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي. مسمات صائمه ميهڙ فريد روڊ سان ميهڙ ٿاڻي جي گيٽ کان 2 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري نعريبازي ڪندي پريس ڪلب ميهڙ پهتي جتي هن دانهيو ته منهنجي چاچا غلام عباس جا قاتل، منظور ميرجت کان رڪوري ظاهر ڪري، امداد ميرجت، غلام مصطفي ميرجت ۽ سڄڻ ميرجت کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي سوٽ حافظ جاويد احمد چانڊيو جيڪو پنهنجي والد مقتول غلام عباس چانڊيو جي ڪيس ۾ فريادي آهي. ان مٿان ميهر ميرجت جي قتل جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آهي. چاچا غلام عباس چانڊيو جا قاتل اڄ به آزاد آهن. ان لاءِ آئون اڄ سر تي ڪفن ٻڌي پيرين اگهاڙو احتجاج ڪندي آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ ڊي ايس پي ميهڙ کي اپيل ٿي ڪريان ته قاتلن کي گرفتار ڪري ۽ ميهر ميرجت جي خون جي شفاف جاچ ڪرائي.