اڪري چودڳي (ن پ ا) ڳوٺ علي شير شر واسي ٽائون ڪاميٽي ملازم عابد حسين شر تي اڪري ۾ دڪان تان سامان وٺڻ دوران جوابدارن ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، وارثن زخمي کي اڪري ٿاڻي تي پهچايو، جتان پوليس کيس ليٽر ڏيئي اسپتال روانو ڪري ڇڏيو، بعد ۾ کيس خيرپور اسپتال نيو ويو، اڪري ٿاڻي 15 کان مٿي جوابدارن تي اين سي داخل ڪئي ويئي، پوليس هڪ جوابدار لقمان شر کي گرفتار ڪري ورتو .