سکر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي تلاءُ جو صورت ۾ بيٺل

0
153

سکر(ن پ ا) صوبائي وزير سيد ناصر شاهه جو دورو سکر واسين کي ڪم نه آيو، جيل روڊ، پراڻي سکر، ڀوسا لائين، ريلوي اسٽيشن سميت مختلف هنڌن تي برسات جو پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل هجڻ ڪري شهري عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهن، ضلعي توڙي ميونسپل ڪارپوريشن پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪو تحرڪ نه ورتو، سکر ۽ روهڙي طرف ايندڙ ويندڙ روڊ ۽ رهائشي علائقن ۾ پاڻي بيهجڻ سبب شهري پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا، جڏهن ته سيپڪو اختيارين به گذريل رات طوفاني هوا ۽ برسات سبب ڪريل بجلي جا پول روڊن تان هٽائڻ لاءِ ڪا زحمت به نه ڪئي.